جيڪب آباد لڳ انعام رکيل ڏوهاري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

جيڪب آباد (ڊر) جيڪب آباد لڳ  ٿاڻي بي سيڪشن جي حد موني پل ويجهو انچارج اي ايس آءِ علي گل چولياڻي اسٽاف سان گڏجي خفيه اطلاع تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي 5 لک روپيا انعامي يافته ملزم اڪبر ولد حيات بنگلاڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ جو چوڻ هو ملزم جي گرفتاري تي حڪومت سنڌ جي طرفان 5 لک رپيا انعام رکيل هو، گرفتار ملزم اغوا براءِ  تاوان سميت پوليس مقابلن جهڙي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو ان جي گرفتاري لاءِ ڪافي جاين تي ڇاپا هنيا لڳايا ويا هئا، گرفتار ملزم جو ڪرمنل رڪارڊ بين ضلعن مان معلوم ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.