گمبٽ مان ناري ڇھن ڏينهن کان گم، قتل ٿيڻ جو خدشو

گمبٽ (ن ع آ)  ڳوٺ ڪوڙل کھڙو جي رھواسي رياض حسين کھڙو  ٻڌايو ته گمبٽ جي گرلس ڪاليج ڀرسان رھندڙ سندس سورھن سالن جي پرڻيل ڌيء سويرا زال منظور کھڙو  ڇھن ڏينهن کان لاپتا بڻيل آهي ـ سويرا جي پيء رياض حسين کھڙو  ٻڌايو ته منهنجي ڌيء گمبٽ پرڻيل ھئي جيڪا پنجن ڏينهن کان لاپتا آهي پر سندس سھري ممتاز کھڙو  ۽ مڙس منظور کھڙو اسان کي اطلاع به نه ڏنو ـ جڏهن خبر پئي ته اتي وياسين ته انهن گھر اچڻ به نه ڏنو ۽ اسان سان وڙھيا ـ جنهن کان پوء گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پوليس ھڪ جوابدار ممتاز کھڙو  گرفتار ڪيو آهي پر نياڻيء جو ڪو ڏس پتو ناهي ـ ھو ھر وقت مختلف ڳالهه ڪن ٿا ـ ھن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته سويرا کي سندس سھري ۽ مڙس قتل ڪري سندس لاش گم ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.