سنڌ ۾ لاقانونيت جو خاتمو نه اچي سگهيو آهي: صنعان قريشي

حيدرآباد( پ ر  ) جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته  سنڌ ۾ لاقانونيت جو خاتمو نه اچي سگهيو آهي، ڪير به محفوظ ناهي، نوشهروفيروز ضلعي ۾ درياءُ مري پوليس ٿاڻي جي حد ۾ جسقم ڪارڪن خالد پلھ کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن واقعي جي مذمت ٿا ڪيون، هن وڌيڪ چيو ته جسقم ڪارڪن خالد جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي جي فيڪٽري گل احمد يونٽ حسيني ون جي 20 کان مٿي پورهيتن گلش حديد شهيد بشير خان قريشي جي رهائش تي پهچي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وٽ داهيون آهي ته فيڪٽري انتظاميا 20 پورهيتن کي  بنا جواز جي ڪڍي ڇڏيو آهي، پورهيتن اهو به چيو ته اسان کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جا دڙڪا به ڏئي رهيا آهن، جنهن تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو  ته ڪراچي ۾ سنڌي پورهيتن پاڻ کي نڌڙڪو نه سمجهن، ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ سنڌي پورهيتن کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته ڪراچي جي فيڪٽري مافيان خلاف احتجاج ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته اها ساڳي صورتحال ٺٽو، ڪوٽڙي جي فيڪٽرين ۾ آهي جتي به پورهيتن جا حق کاڌا وڃن ٿا، جيڪو سلسلو پڻ بند ٿيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ پورهيتن جي حقن لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي جي گل احمد يونٽ حسيني ون جي انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري بيدخل ٿيل سمورن پورهيتن کي ڊيوٽي تي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.