ملير ۾ قبرستان تي قبضي جي ڪوشش، مزاحمت ٻه گرفتار، احتجاج

کوکراپار ( رپورٽر  )  ملير جي هاشم جوکيو ڳوٺ جي قبرستان تي پ پ ملير جي قائم مقام صدر عديل اختر شيخ طرفان قبضي جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪندي ڄاڻايل اڳواڻ کي قبضي ڪرڻ کان روڪيو جنهن بعد عديل اختر شيخ جي چرچ تي ميمڻ ڳوٺ پوليس ٻن ڳوٺاڻن شهمير ولد چاڪر جوکيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڳوٺاڻن کي ٿاڻي تان ڇڏائڻ لاءِ ويندڙ وڌيڪ ڄڻن يوسف ولد گل حسن جوکيو ، منور ولد واحد بخش ، سلمان ولد سليمان ۽ ساجد ولد نامعلوم مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ سوين ڳوٺاڻن طرفان بااثر اڳواڻ خلاف ڪالهه عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان سوين ماڻهن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري جي اڳواڻي دوست محمد جوکيو ، لالا عمران ، ساجد جوکيو ، يوسف جوکيو ،شان جوکيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا احتجاج ۾ شريڪ ماڻهو هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو پ پ ملير جي قائم مقام صدر کي هٽايو ، قبضو ختم ڪرايو ، پوليس گردي بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن دوست محمد جوکيو ٻين چيو ته پ پ اڳواڻ ڳوٺ جي قبرستان تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، پ پ چيئرمين ۽ وڏو وزير نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.