سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ڪئي وئي آهي:هاري ڪميٽي

حيدرآباد(پ-ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي پاران گڏيل جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو ته سنڌ ۾ زرعي دوا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي ڊي اي پي ڀاڻ جي ٻوري 10کان هزار وڌيڪ مهنگائي ملي رهي آهي سرڪاري اگه تي ڪو به عمل نه پيو ٿئي هڪ طرف حڪومت طرفان مهنگائي جو طوفان برپا ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف بيڪميلر ڊيلرن پاران زرعي دوا ڀاڻ بليڪ تي هٿرادو اگه وڌايا ويا آهن اهڙي عمل خلاف ايگريڪلچر ڊپارنمٽ سميت هر ضلعي جا ڊي سيز ۽ اي سيز فوري ايڪشن کڻن ۽ بليڪميلر خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي اڳواڻن چيو ته هارين کي زرعي جنسن جا اگه صحيح نٿا ڏنا وڃن جيڪو عمل برداشت نه ڪنداسين سارين جا اگه گهٽايا ويا آهن ۽ غيرقانوني ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ڪمند جو فصل تيار ٿيل آهي پر مل مافيا اڃا تائين ملون نه هلايون ويون آهن ڪمند جو 300کان وڌيڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا سنڌ هاري ڪاميٽي هارين پورهيتن سان ناانصافيون برداشت نه ڪنداسين پرامن جدوجهد جاري رهندي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.