حيدرآباد ۾ همراهه جو گهرڀاتين سميت بااثر خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد جي ايوب ڪالوني جي رهواسي محمد جاويد ڪالهه پنهنجي زال ۽ ٻارن سميت بااثر ماڻهو پاران حملو ڪرڻ ۽ پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته هڪ مهينو اڳ عارف نالي شخص کان هڪ پلاٽ خريد ڪيو هو، هاڻي ساڳئي ماڻهو هٿياربند ساڻ ڪري سندس گهر تي حملو ڪيو ۽ کيس تشدد جو نشانو بنايو. جڏهن ته حد جي پوليس ڄاڻايل ماڻهو خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته ڄاڻايل ماڻهو مان کيس جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.