شڪارپور واسي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي ملازمن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شڪارپور شهر جي ٻرڙا ڪالوني واسي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي جونيئر ڪلارڪ ۽ سماجي اڳواڻ منصور احمد جوڻيجو بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي الزام لڳايو ته علائقي جي بااثر يعقوب شر پنهنجي هٿياربندن سان گڏجي گذريل ڪيترن ئي سالن کان زمينن تي قبضا، چورين، ڌاڙن، ڦرن، فحاشي، نياڻين جي اغوا سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي جنهن خلاف مون 2013ع ۾ پوليس کي شڪايت ڪري سندس جي رستا روڪ ڪئي جنهن تي هن مون کي پنهنجي گهر ڀاتين سميت ڌمڪيون ڏنيون تازو هن مون مٿان ڪارنهن جو الزام لڳائي مون کي قتل ڪرڻ چاهي ٿو اهڙي دانهن مون شڪارپور پوليس کي به ڏني پر پوليس ڪاروائي لاءِ تيار ناهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.