احمدپور لڳ شرپسندن ڪمند جي فصل کي باھ ڏئي ڇڏي

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ وسطڙا جي آبادگار عطا محمد وسطڙو جي 2 جريب ڪمند جي بيٺل فصل کي شرپسندن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي جنهن سبب آبادگار جو لکن روپين جو نقصان ٿي ويو آھي ان موقعي تي آبادگار عطا محمد وسطڙو جو چوڻ هو ته ڪنهن سان به دشمني ناھين نامعلوم شرپسندن بنا جواز فصل ساڙي ظلم ڪيو آهي هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن گرفتار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف آبادگار پاران نامعلوم شر پسندن خلاف احمدپور ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.