جهيڙو ختم ڪريو، فريد آباد ۾ چانڊين وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو

فريدآباد  ( ن ع آ ) فريدآباد لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ گھٽي تان ڪراس ڪرڻ تي چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين مولوي عبدالرسول چانڊيو ۽ ٻي ڌر فقير رستم چانڊيو جي ڌر وارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيو ھو جنهن ۾  لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري ٻنھي ڌرين جا 12 ڄڻا خمي ٿيا ھئا، جنهن بعد ڌرين جي وچ ۾ تڪرار تيز ٿي ويو ھو، تڪرار جي نبيري لاء جھيڙيندڙ ڌرين ڏانهن رات دير سان منٿ ميڙ قافلو تڏي تي پھتو ، ميڙ ۾ علائقي جي چگن مڙسن معززين سياسي سماجي علمي ادبي صحافين ۽ ساڃاھ وندن حاجي غلام مصطفى ڇٽو، نيشنل پريس ڪلب جو صدر احمد علي چانڊيو صحافي علي حسن چانڊيو ـ خادم ڏيرو فھد بروھي سوشل ورڪر امتياز حسين چانڊيو ـ سماج سڌارڪ رجب علي چانڊيو ـ عوامي تحريڪ اڳواڻ عبدالفتاح جکراڻي ـ استاد علي اڪبر عباسي عبدالحميد ڪرٽيو ـعلي انور عباسي  محمد اسلم ڪرٽيو ڪمدار نظير حسين چانڊيو  رئيس حاڪم چانڊيو ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ قرآن پاڪ کڻي منٿ ميڙ قافلو ھڪ ڌرمولوي عبدالرسول چانڊيو ميھر چانڊيو آصف علي چانڊيو راحب علي چانڊيو جي تڏي تي پھتو ته منٿ ميڙ قافلي کي زبردست موٽ ڏني وئي ـ جڏهن ته ساڳيو منٿ ميڙ قافلو ٻي ڌر فقير رستم چانڊيو حاجي علي گل چانڊيو غازي چانڊيو  ۽ حاجي روشن چانڊيو جي تڏي تي پھتو ۽ منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏنو ـ جڏهن ته ھڪ ڌر جي  معزين عالم دين مولانا عبدالرسول چانڊيو ميڙ کي مان ڏيندي  مخاطب ٿيندي چيو ته اسان فتنو فساد نٿا چاھيون  قرآن پاڪ ۽ علائقي جا معززين تڏي تي کڻي آيا آهن اسان اڳرائي نه ڪنداسين ۽ ھر مامعلو فيصلي ذريعي حل ڪيو ويندو ۽ اسان فيصلو ڪرائينداسين ۽ علائقي جي معززين ۽ ساڃاھ وندن جو ادب  احترام ڪريون ٿا ـ   جڏهن ته ٻي ڌر جي غازي چانڊيو ۽ حاجي روشن چانڊيو ميڙ قافلي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان به نٿا چاھيون ته  تڪرار وڌي ان کي جلدي ختم ڪرايو وڃي ۽ اسان فيصلي لاء راضي آھيون ـجڏهن ته ٻئي ڌريون فيصلو ڪرائڻ تي راضي ٿي ويا ـ جڏهن ته منٿ ميڙ قافلي جي سرواڻي ڪندڙ معزز حاجي غلام مصطفى ڇٽو چيو ته علائقي ۾ خوني تڪرار ۽ قبيلائي جھيڙا ختم ڪرائڻ ۾ اھم ڪرادر ادا ڪندارھنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.