جهمپير ۾ مزدورن جي برطرفي ۽ استادن کي پگهار نه ملڻ خلاف مظاهرو

جھمپير (ن ع آ ) جھمپير لڳ قائم ٽرائيڪوم ڪمپني پاران پنجويھه مزدورن کي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ ٽن مھينن کان پگھارون بند ھجڻ توڙي ڪمپني پاران ڳوٺ صديق خاصخيلي ۾ قائم ڪيل پرائمري اسڪول جي استاد کي پگھارون ن ملڻ خلاف ڪمپني جي مين گيٽ بند ڪري سخت احتجاج ڪري پنھنجي معصوم ٻارڙن سميت ڌرڻو ھنيو ۽ سخت نعري بازي ڪئي ڌرڻي سبب سڄو ڏينھن گيٽ بند رھيو ۽ اتي موجو مزدورن پپو بروھي غفار خاصخيلي ۽ عالم بروھي ۽ ٻين چيو ته اسان ھتي جا مقامي ماڻھون آھيون اسان جي علائقي ۾ ڌارين کي گھرائي رکيو پيو وڃي ھنن وڌيڪ چيو اسان جي ڳوٺن ۾ قائم ونڊ ڪمپني مقامي پورھتن کي بلا جواز بغير ڪنھن نوٽيس جي برطرف ڪيو آھي ۽ ٽن مھينن کان پگھارون نه پيون ڏنيون وڃن، جڏھن ته چوڏھن مھينن کان اسڪول ۾ مقرر استاد کي پگھارون ن پيون ڏنيون وڃن، چيف جسٽس، وڏو وزير ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.