ڪورنگي ۾ سنڌ پوليس جي شهيدن لاءِ سائيڪل ريس

ڪورنگي(ن ع آ) ھيومن رائيٽس انٽرنل فورم پاڪستان پاران شھداء سنڌ پوليس کي خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ لاء سائيڪلنگ ايسوسي ايشن جي سھڪار سان دائود چورنگي کان سائيڪل ريس جو انعقاد ڪيو ويو سائيڪل ريس مختلف علائقن کان ٿيندي سنگر چورنگي تي ختم ٿي جنهن ۾70 کان وڌيڪ سينيئر ۽ جونيئرسائيڪلسٽن حصو ورتو ريلي ملير دائود چورنگي کان شروع ٿي ڪورنگي سنگر چورنگي ويٽا چورنگي بلال چورنگي چمڙا چورنگي گودام چورنگي قيوم آباد ڪورنگي ڪراسنگ کان ٿيندي سائيڪلسٽ ايسوسي ايشن جي مرڪزي آفيس سنگر چورنگي تي پھچي اختتام پذير ٿي

  • هڪ دور جي پُڄاڻي،ٿر جو ڀاڳيو صلاح لنجو موڪلائي ويو

اسلام ڪوٽ(ت،ر) سلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ وروائي جي رهوسي 1926 ۾ ھڪ غريب هاري مبين لنجو  جي گهر ۾ جنم وٺندڙ حاجي صلاح لنجو گذريل ڏينهن 95 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،حاجي صلاح لنجو ٿر جو وڏي ۾ وڏو ڀاڳيو زميندار هو،هن ڪڏھن به مال جو کير نہ وڪيو،روزانو صبح سوير سوين ڳوٺن جا ماڻھو اڄ بہ مفت ۾ کير کڻڻ لاءِ وروائي جو پنڌ ڪن ٿا،مرحوم صلاح لنجي 1975 ۾ ڇڪڙو ورتو ۽ پوءِ فور ويل جيپ ورتائين،ان کانپوءِ ٿر ۾ سدابهار ڪارونجهر ڪمپني جي نالي سان ٿر بس سروس 5 بسن جي صورت ۾ هلائي،جيڪا ننگرپارڪر کان نئوڪوٽ تائين هلندي هئي سندس وڇوڙي تي هر راڄ جي ماڻھو اک آلي هئي،پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي سميت هزارين ماڻھن سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي،

  •  قمبر  ۾ ميونسپل ملازمن  پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

قمبر ( ن ع آ) قمبر ميونسپل ڪاميٽي قمبر جي ملازمن طرفان آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن جون پگهارون ٽريزري ذريعي ڪرائڻ لاءِ ميونسپل آفيس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهدا چونڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي اڳواڻن مختيار خاصخيلي،عاشق گوپانگ،ذوالفقار علي ڀٽو،آصف چانڊيو ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالهائيندي  جو چوڻ هو ته پوري سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ لوڪل گورنمينٽ جا ملازم آهن جن کي مهينن جا مهينا پگهار وقت سر نه ٿيون ملي سگهن جنهن ڪري لوڪل گورنمينٽ ملازم سخت پريشاني ۾ آهن هنن مطالبو ڪيو ته لوڪل گورنمينٽ ملازمن جي پگهار ٽريزري وسيلي ڪري لکين ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،،،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.