لاڙڪاڻي مان واپاري کي پوليس کنڀي وئي، فوٽيج هٿ، ايس ايس پي کي آگاهي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ اسٽيٽ ايجنسي هلائيندڙ واپاري مبينا طور پوليس هٿان کنڀي ويو، سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ اچڻ تي وارثن جي ايس ايس پي سان ملاقات، واقعي بابت آگاهي ڏني وئي، لاڙڪاڻو پوليس واپاري جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري وارثن ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي جن واپاري جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل اسٽيٽ ايجنسي هلائيندڙ واپاري حاجي محمود ڀٽي جي ڀائرن ضمير ڀٽي، گلشن ڀٽي ۽ نويد ڀٽي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ حاجي محمود ڀٽي اسٽيٽ ايجنسي هلائي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي جنهن کي 8 نومبر سومر ڏينهن سنڌ سمال انڊسٽري لاڙڪاڻو سينٽرل جيل روڊ وٽان پوليس موبائيل ۾ آيل اهلڪارن ۽ هڪ اڇي رنگ جي ڪار ۾ موجود ماڻهن بيگناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن کي هفتو ٿي ويو آهي پر سندس ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن ٻڌايو ته واقعي بعد اسان سي سي ٽي فوٽيجز هٿ ڪري ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي سان ملاقات ڪري حد جي وليد ٿاڻي جي پوليس کي دانهن ڏني جن طرفان واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ ڀاءُ جي گرفتاري کان لاتعلقي ظاهر ڪئي. هنن چيو ته جيڪڏهن ڀاءُ مٿان ڪو ڪيس داخل آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، چيف جسٽس نوٽيس وٺي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.