موهن جي دڙي تي آمريڪا جو وفد پهتو، ماڳن جو دورو

ڏوڪري ( ن ع آ ) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي آمريڪا جو پرڏيهي وفد  وائيٽمين پيٽر ارٿ جي اڳواڻي ۾ دورو ڪيو پرڏيهي وفد جو نويد علي سانگاهه، ارشاد علي سولنگي شاندار استقبال ڪيو هوڏانهن آمريڪا جو پرڏيهي وفد اسٽوپا گريٿ باٿ ڊي ڪي ايريا ميوزيم سميت ٻيا قديمي آثار گهمي ڏٺا ان موقعي تي آمريڪا جي پرڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ وائيٽمين پيٽر ارٿ ميڊيا کي ٻڌايو ته هتي اچي ڪري اسان تمام خوش ٿيا آھيون هن چيو ته اڳين زماني جا ماڻھو ڪيترا سادا ۽ شاهوڪار ۽ ذھين هوندا هئا جڏھن ته پرڏيهي وفد کي موهن جي دڙي بابت ارشاد علي سولنگي ۽ نويد علي سانگاهہ بريفنگ ڏني ان موقعي تي  سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا.

  •  ڇور ۾ ميونسپل ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڇور (ن ع آ )  ڇور ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪندي چندن ڪمار ، عثمان منگريو ، عنطر خان ، راجيش ۽ ٻين چيو ته اسان جون پگھارون آنلائين نه ھجڻ ڪري سخت پريشان آھيون فورن اسان جون پگھارون ٽريزري ذريعي آن لائين ڪيو وڃن ٻئي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو ڪم ڇڏ ھڙتال ڪنداسين

  •  عمر ڪوٽ ويجهو شاخن مان پاڻي وڪري جو انڪشاف، احتجاج

عمرڪوٽ(      ڊ ر    ) ڪوٽ واھ جي آبادگارن وڏڻ مھر عارف مھر اسلم مھر، موسامھر، رحمۃاللہ مھر، امام بخش مھر، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي آبادگارن چيو ته پاڻي چوري بند ڪرائي ملوث آبپاشي عمرڪوٽ جي عملدارن ايس ڊي او اريگيشن لقمان ڪنڀر ۽ بااثر چوري ۾ ملوث آبادگارن ڀورو جاٽ، شير خان سميجو، خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ڪوٽ واھ، نور واھ، ٿرٽيل ۽ ٿر واھ جا ڪيترائي بااثر زميندارن جا واٽر ڪورس ٽٽل آھن ايريگيشن کاتي جي عملدارن پاران ڳري رشوت عيوض پڇڙي جي آبادگارن جي حقن تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ٻي طرف صحافين جي ٽيم پاڻي چوري جي معلومات لاء ڪوٽ واھ تي پھتي ته اتي موجود آبپاشي کاتي جا داروغا ۽ ملازم صحافين کي ڏسي فرار ٿي ويا ۽ ننڍن آبادگارن تي ٻيھر ڏمرجي اھي ڌمڪيون ڏيڻ لڳا ته صحافين کي ڇو ٻڌايو ھاڻ رھيل واٽر ڪورس به بند ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.