هالا ۾ اسپتال ۾ ڀرتي لاءِ 2 هزار اميدوارن فارم ڀرائي ڇڏيا

هالا  (ن ع آ) هالا،شهدادپور روڊ تي مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي نالي سان تعمير ٿيندڙ ويلفيئر هاسپيٽل لاءِ گهربل 80 عملدارن جي مقرري لاءِ صحت کاتي سان لاڳاپيل بيروزگار ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ٻن هزارن کان وڌيڪ خواهشمند اميدوارن پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرائي ورتا. ان سلسلي ۾ اسپتال جي مقررهيڊ سنڌ جو نامور سرجن ڊاڪٽر قنمبر لغاري، آصف عثمان ميمڻ جن مخدوم محمد امين فهيم ويلفيئر اسپتال ۾ مقرري لاءِ سنڌ جي نامور سرجن ڊاڪٽر قنمبر لغاري اميدوارن جا ڪاغذ جمع ڪندي انهن کان انٽرويو پڻ ورتا. ان موقعي تي اسپتال جي هيڊ ڊاڪٽر قنمبر لغاري ۽ آصف عثمان ميمڻ جن مقامي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم محمد امين فهيم ويلفيئر اسپتال جو مرحوم مخدوم محمد امين فهيم جي ورسي 21 نومبر تي سندس فرزند ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا اڳواڻ مخدوم جميل الزمان اسپتال جو افتتاح ڪندو. هنن ٻڌايو ته مخدوم امين فهيم ويلفيئر اسپتال اسپتال 24 ڪلاڪ کليل رهندي جنهن ۾ عملي جون ٽي شفٽون مقرر ڪيون وينديون اسپتال ۾ فري ايمرجنسي ايمبولنس سروس جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي، هنن ٻڌايو ته اسپتال ۾ مقرري ميرٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي.

  • ٽنڊومستي پوليس جي ڪاروائي،  اشتھاري جوابدار گرفتار

ٽنڊومستي (ن ع آ)  ٽنڊومستي پوليس دوراني گشت ڪاروائي ڪري ھڪ اشھتاري مجرم ڳوٺ ڍاندو جتوئي واسي منير احمد پٽ گلبھار جتوئي کي گرفتار ڪري ٽنڊومستي ٿاڻي تي لاڪب ڪري ڇڏيو آھي . جڏهن ته گرفتار مجرم  مٿان ٽنڊومستي ٿاڻي تي پڻ ڪيس داخل ٿيل آھي .

  • سنڌڙي ڀرسان ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه، الهه تلهه رک، مدد جي اپيل

سنڌڙي (ن ع آ) سنڌڙي ڀرسان آتڻا موري جي ڳوٺ گل محمد منڱريو  چلھ جي چڻنگ مان باھ لڳڻ ڪري ٻن پورھيتن اچلوڪولھي ۽ لکو ڪولھي جا گھر سڙي رک ٿي ويا گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثر  کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن.

  •  دادو ۾ عورت کي پيٽ ۾ ڳوڙهو، ڪپهه هجڻ جو انڪشاف

دادو ( ڊ ر ) دادو جي سول اسپتال جي گائني وارڊ مان 40 ڏينهن ڊليوري دوران سيزر ڪرائڻ کان پوء مسمات شبانه زال وزير جي پيٽ ۾ ڳوڙهو ٿيڻ سبب هلڻ ۽ ڦرڻ کان لاچار بڻجڻ بعد کيس ٻيهر دادو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، مسمات شبانه جي الٽرا سائوڊ رپورٽ ۾ سندس پيٽ ۾ ڳوڙهو هئڻ جي نشاندهي ڪندي سندس آپريشن ڪرڻ جي سفارش ڪئي ، دادو اسپتال جي گائني وارڊ جي انچارج صغرا ملاح جو چوڻ آهي ته شبانه جي پيٽ ۾ ڳوڙهو گند جو به ٿي سگهي ٿو ۽ سيزر دوران ڪپھ سان رت جي صفائي ڪئي ويندي ٿي سگهي ٿو ته اها ڪپھ رهجي وئي هجي باقي عورت جي پيٽ ۾ ڪينچي ناهي ، ٻئي طرف مسمات شبانه جو چوڻ آهي سيزر کان جيئن واپس گهر ويا ته کيس مسلسل پيٽ ۾ شديد سور پوندو رهيو جنهن هوء گهمي ڦري نه ٿي سگهي نه ويهي سگهي ٿي ۽ پيٽ ۾ ڳوڙهو وڌي رهيو آهي جنهن سبب واپس اسپتال داخل ٿيا آهيون پر هت اڃا تائين کيس ڊاڪٽرياڻين چيڪ به ناهي ڪيو ۽ علاج ڪيو وڃي ٿو ، گائني وارڊ جون ڊاڪٽرياڻيون توڙي نرسون خانگي سينٽر تان ٻيهر آپريشن ڪرائڻ جو چون ٿيون پر اسان وٽ ايترا پئيسا ناهن جو خانگي سينٽر تان آپريشن ڪرايون ، خدا جي واسطي سول اسپتال ۾ ئي علاج ڪري سندس مسئلو حل ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.