ڦلجي پوليس جون ڪارروائيون 21 سئو سوپاريون هٿ، 2 جوابدار گرفتار

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ)  ڦلجي اسٽيشن رڪڻ پوليس ڇاپو هڻي ٽن z-21  نشي آور سوپاريون وڪرو ڪندڙ واپارين کي z-21 سوپارين سميت گرفتار ڪري رڪڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو واپاري نبي بخش جمالي ۽ وارث جمالي کي رڪڻ پوليس پيارو اسٽيشن وٽ خفيه اطلاع ملڻ تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو گرفتار ڪيل واپارين کان وڏي تعداد ۾ z-21 سپاريون ھٿ ڪيون ويون  آھن.

  •  خيرپور عدالت ۾ گمبٽ جي ڊي ايس پي خلاف درخواست

احمدپور (ن ع آ) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين دايو جي عدالت ڪنگري جي ڳوٺ گهنيا جي رهواسي پورهيت زين العابدين ناريجو جي طرفان پوسٽ ذريعي موڪليل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي ڊي ايس پي گمبٽ ۽ گلو سيال ٿاڻي جي ٿاڻيدار سوڀارو خان شيخ خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلبي ورتو آهي. ڳوٺاڻي زين العابدين ناريجو طرفان گلو سيال ٿاڻي جي ٿاڻيدار سوڀارو شيخ مٿان الزام مڙهيا ويا آهن ته ان روپوش جوابدارن کي ساڻ ڪري سندس گهر ۾ گهري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد بعد ڦرلٽ ڪئي آهي ۽ سندس خلاف دانهڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي جنهن ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڦريل رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.