گهوٽڪي جو نوجوان سرحد ويندي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ ڳوٺ جمعو عارباڻي جو رهواسي 22 ورهين جو نوجوان  محمد نواز پٽ نصير احمد نصيراڻي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي سرحد ۾ دوست جي عذر خواهي تي وڃڻ جو چئي گهران نڪري ويو هو، جيڪو ٽن ڏينهن کان گهر واپس ناهي آيو، ان سلسلي ۾ نوجوان جي والد نصير احمد نصيراڻي جو چوڻ آهي ته پٽ جو موبائل فون پهريان کليل هو، فون ڪندا رهيا سين پر فون اٽينڊ نه ٿيو، جنهن بعد هن جو موبائل فون بند ٿي ويو، بعد ۾ اسان فون تي  رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا سون پر موبائل فون مسلسل بند ملي رهيو آهي، نوجوان جي والد شڪ ڏيکاريو آهي ته پٽ کي عورتاڻي آوزار تي هرکائي اغوا ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرائي هوڏانهن نوجوان جي وارثن اي سيڪشن ٿاڻي تي اهڙو اطلاع ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.