عادلپور مان ناري جي اغوا ڪوشش، گهوٽڪي ۾ احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش گبول جي رهواسين عنايت گبول فاروق گبول، ذالفقار گبول، امان الله گبول، مائي نبيلا گبول ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گذريل ٻه ڏينهن اڳ با اثر جوابدارن عبدالوحيد نويد مختيار ۽ نور احمد گبول ۽ ٻين اسان جي ناري نبيلا گبول کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد اسان عادلپور ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته اسان ڪيترن ئي ڏينهن کان سراپا احتجاج آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، اڄ مجبور ٿي گهوٽڪي پهچي گهوٽڪي ڊي ايس پي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو آهي،  ڊي ايس پي گهوٽڪي حافظ عبدالقادر چاچڙ ڳالهين لاءِ پهتو جنهن احتجاج ڪندڙن کي خاطري ڪرائي ته توهان کي جلد انصاف ملندو ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويندو ڊي ايس پي گهوٽڪي جي اهڙي خاطري بعد ڳوٺاڻن احتجاج ختم ڪندي چيو ته اگر انصاف نه مليو ته ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.