باڊهه مان گم ٿيل نوجوان جو ڪوبه ڏس پتو نه پيو

باڊھ (ن ع آ ) 3 مهينا اڳ باڊھ جي ڳوٺ گابر مسڻ مان گم ٿي ويل 17 ورهين جو نوجوان محمد ابراهيم عرف حاجن مسڻ جو ڪوبه  ڏس پتو نه پئجي سگهيو،  سندس وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت هٿن ۾ نوجوان جي تصوير ۽ پلي ڪارڊ کڻي  احتجاج ڪيو.  ان موقعي تي نوجوان  والد قدير احمد مسڻ، مسمات تهمينه، مسمات ارشاد، سڌير احمد مسڻ شڪيل مسڻ ۽ ٻين  دانهيندي چيو ته 3 مهينا اڳ نوجوان ابراهيم مسڻ گم ٿي ويو آھي سندس گمشدگي جو اطلاع باڊھ ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو هو پر افسوس ته هن مهل تائين باڊھ پوليس ڪک ڀڄي ٻيڻو نه ڪيو رڳو ڪوڙا ڏٽا ۽ دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آھي،  جڏھن ته اسان جو سڄو خاندان سخت پريشاني ۾ مبتلا آھي. هنن چيو ته اسان نوجوان جي تمام گهڻي ڳولا ڪئي آھي پر ڪٿي به سندس ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن ادارن کي اپيل ڪئي آھي ته گم ٿي ويل نوجوان محمد ابراهيم عرف حاجن مسڻ کي ڳولڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.