لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ گهر پهچي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ويجهو ماهوٽا ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو باءِ پاس وٽان گذريل خميس ڏينهن مبينا اغوا ٿي ويل 16 سالن جو نوجوان عرفان شر بازياب ٿي گهر پهچي ويو جنهن پنهنجي چاچي ۽ سئوٽ ڪامران شر سان گڏجي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل خميس ڏينهن آءُ پنهنجي سئوٽ ڪامران سان گڏ لاڙڪاڻي شهر مان موبائيل خريد ڪرڻ لاءِ گهران نڪتس ته چوهڙ پور ويجهو درين واري پل وٽ موٽرسائيڪل تي سوار چئن ڏوهارين اسان جو رستو روڪي زبردستي مون مٿان تشدد ڪري موٽرسائيڪل تي ويهاري اغوا ڪرڻ بعد زنجيرن سان ٻڌي هڪ جڳهه ۾ قيد ڪري ڇڏيو جتي اغوا ڪندڙ ڏوهاري منهنجي جسم جي مختلف حصن تي بدترين تشدد ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏئي مون کي ٻن ڏينهن تائين ماني به ڪو نه ڏني اهڙي واقعي خلاف منهنجي وارثن طرفان لاڙڪاڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو جنهن بعد ڏوهارين ٻن ڏينهن کان پوءِ ٽين رات دير سان منهنجي اکين تي پٽي ۽ هٿ پير ٻڌي ڪار ۾ کڻي وارهه بئراج وٽ بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جن مان مون چئن ڄڻن نادر، اعتبار، ياسين ۽ سانول شر کي سڃاتو جن ڌمڪي ڏني واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ وياسين جتي ايس ايڇ او اسان کان ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ 50 هزار روپيه رشوت طلب ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.