ڊگهڙي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاجي مظاهرو

ڊگھڙي(ن ع آ)ويڪسينٽرن جا مطالبا منظور نه ٿيڻ خلاف ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران ڊگهڙي تعلقي ۾ اڄ کان شروع ٿيندڙ ارڙي ۽ روبيلا خلاف ويڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪري تعلقي اسپتال ڊگهڙي اڳيان ليڊي هيلٿ سپروائزر جنت قبمراڻي،بچان دايو،بتول قبمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا 336ويڪسينيٽر پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت پاران اڃان تائين سندن سندن جائز مطالبا مڃڻ لاء ڪوبه حڪم نامون جاري ناهي ڪيو ويو جنهنڪري سنڌ جي ٻين شھرن جي جيان ڊگهڙي جون ليڊي هيلٿ سپروائزر،ليڊي هيلٿ ورڪر مرڪز طرفان ڏنل سڏ تي ويڪسين مهم جو بائيڪاٽ ڪن ٿيون ۽ بائيڪاٽ مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.