نامياري ڪهاڻيڪار بادل جمالي سان ٿيل غير رسمي ادبي ويهڪ

تحرير؛زرار  پيرزادو

¨ انور پيرزادو اڪيڊمي پاران محمد علي پٺاڻ صاحب کي گذارش ڪئي وئي هئي ته سينئر ڪهاڻيڪار ۽ پروڊيوسر بادل جمالي صاحب جڏهن به ڪراچيءَ اچي ته ٻڌائجو ته ساڻس انور پيرزادو هوم تي رهاڻ ڪجي. سو اوچتو بادل جمالي صاحب آيو ته حالتن پٽاندڙ ڪچهري جو هنڌ، شاهه محمد پيرزادي جي قائم ڪيل علمي، ادبي ۽ فڪري آستاني کي چونڊيو ويو.

¨ سڀني جو اندازو هو ته ڪچهري جو ماحول هوندو پر محمدعلي پٺاڻ ان کي ادبي سنگت جهڙي يادگار ، ادبي گڏجاڻي جي شڪل ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ ئي پروگرام جي ڪارروائي هلايائين.

¨ محمد علي پٺاڻ ئي سڄو پروگرام ترتيب ڏنو ۽ علائقي جي ويجهو رهندڙ ادبي دوستن کي فون ڪري موقعي تي گهرائي ورتو.

¨ ان غير رسمي ادبي گڏجاڻي جي صدارت نامياري اديب، نقاد ۽ پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر آغا پير محمد ڪيلاش ڪئي. گڏجاڻي ۾ علي راز شر، شير مهراڻي، نرنجن ، ضياءُ ابڙو، اي بي لاشاري، شاهه محمد، امر، زيد پيرزادي ۽ ڪجهه ٻين دوستن شرڪت ڪئي.

¨ گڏجاڻي ۾ بادل جمالي صاحب کي ڪهاڻي پڙهڻ جي گذارش ڪئي وئي جنهن جو عنوان هو ” ملهار فقير جو مقدر“ ملهار فقير دُهل وڄائيندڙ لنگهو هو. جهڙي شاندار ڪهاڻي هئي اهڙي ئي بادل جمالي صاحب جي مخصوص پڙهڻي ۽ انجي دلڪش ادائگي هئي. جنهن سڀني جون دليون کٽي ورتيون هيون.

¨ ان ادبي گڏجاڻي ۾ جيئن ته بادل جمالي، ڪيلاش ۽ نرنجن موجود هيا. جيڪي 1976 کان 1979 واري ادبي سنگت ڪراچي جي سونهري دور واري شاخ جا، ميمبر هيا ته ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ان دور ۾ هليا ويا هجون. ڪيلاش صاحب ته گڏجاڻي کي ان دور جي اصولن تحت ئي هلائي ڏيکاري جنهن کي ڏسندي ان دور جي آسيس ملندي محسوس ٿي.

¨ ڪارروائي هلائيندڙ محمد علي پٺاڻ، بادل جمالي جي ادبي ۽ شخصي تاريخ تي تفصيلي روشني وڌي جنهن کانپوءِ بادل جمالي صاحب باضابطه طور ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي ته محسوس ٿيو ته  هو ڪهاڻي ۽ ان جي ڪردارن جي روح ۾ لهي ويو آهي تنهن ڪري هو وقت به وقت جذباتي ٿيندي، سڏڪا ڀريندي ۽ پنهنجا ڳوڙها پيئندي به نظر آيو.

¨ جڏهن گڏجاڻي ۾ راءِ ڏيڻ جو مرحلو آيو ته ان ۾ ڪهاڻي جي نالي، ان جي طوالت، ٻولي ۽ ڪلائيميڪس تي بحث ٿيو.

¨ شاهه محمد ان ڪهاڻي کي هر لحاظ کان مڪمل ۽ ستر جي ڏهاڪي جي اسٽائيل جي ڪهاڻي قرار ڏنو ۽ چيو ته هڪ پروڊيوسر ئي اهڙي شاندار ادائگي  سان ڪهاڻي پڙهي سگهي ٿو.

¨ زيد پيرزادي چيو ته مونکي ڪهاڻي کان وڌيڪ هن لکڻي جو مزاج ڊرامي وارو ٿو لڳي سو جيڪڏهن انکي ڊرامائي شڪل ڏجي ته سنڌي ڊرامن ۾ سٺو اضافو ٿي سگهي ٿو.

¨ ضياءَ ابڙي چيو ته ڪهاڻي جو ڪلائيمڪس روايتي آهي پر لنگهو (دهل وڄائيندڙ) فن جي بي قدري جي، چڙ دهل تي لاهي پيو،  ان کي ڀڃي ڇڏيائين ۽ صدمي ۾ هو فوت ٿي ويو ۽ جڏهن سندس زال رڙيون ڪري ٻاهر نڪتي ته پوءِ ڪهاڻي کي اتي ئي ختم ٿيڻ گهرجي ها.

¨ امر پيرزادي پڻ بادل جمالي جي ڪهاڻي پڙهڻ واري انداز کي لاجواب قرار ڏنو ۽ چيو ته بادل جمالي صاحب جڏهن  ”ڪهاڻي“ پيو پڙهي ته ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ ڪردار پاڻ ڳالهائي رهيا هجن، هو پاڻ ڪردار ٿي پيو وڃي ”اکين جو نلڪو“ جهڙيون ڪجهه تشبيهون ڏاڍيون شاعراڻيون هيون ۽ خاص ڪري جڏهن هو دهل جي بي قدري تي جذباتي ٿئي ٿو ۽ دهل جي بي قدري تي زال سان جيڪو ڊائيلاگ ڪري ٿو سو ڏاڍو مضبوط هو. امر جو خيال هو ته ان ڪهاڻي مان ليکڪ کي ڪا فڪري راهه به ڏيکارڻ گهرجي ها جنهن جي ڪمي محسوس ٿي.

¨ شير مهراڻيءَ ڪهاڻي جي سڀني پاسن تي خوبصورتي سان نظر وڌي ۽ ان کي ڪلاسيڪل ڪهاڻي قرار ڏنو، ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس تي ضيا ابڙي سان متفق ٿيو.

¨ اي بي لاشاريءَ ڪهاڻي ۾ اوتيل ماحول ۽ دور جي حوالي سان رايو رکيو ته ڪجهه تضاد ملن ٿا. ان حوالي ۾ ڪجهه مثال به بيان ڪيا.

¨ راز شر ڪهاڻي جي ٻولي ۽ لنگهو ۽ زال جي هڪ مڪالمي تي ۽ ڪهاڻي جي طوالت تي ٿورو اعتراض واريو.

¨ سڀني راين کانپوءِ گڏجاڻي جي مور ۽ ڪهاڻيڪار بادل جماليءَ شريڪ دوستن جو ٿورو مڃيندي سندس راين جي روشني ۾ ڪهاڻي جو دفاع ڪيو ۽ چيو ته ڪهاڻيڪار جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکندو آهي ته هو ان جي موضوع ۽ ڪردارن آڏو جوابدار هوندو آهي. هو ڪهاڻي کي پنهنجي مرضيءَ سان نه لکندو آهي پر ڪهاڻي ۽ ڪردار ئي ان کي کڻي هلندا آهن ۽ هيءَ ڪهاڻي هڪ حقيقي ڪردار تي لکيل آهي جنهن جي پنهنجي اهميت ۽ ضرورت آهي. بادل جماليءَ چيو ته لنگهو جو زال سان ٿيل مڪالمو نج سندن ڪلچر آهي. اتي زال مڙس ايئن ئي عشق محبت جو هڪٻئي کي مهڻو ڏيندي ڳالهائيندا آهن.

¨ بادل جمالي صاحب چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت جي پيداوار آهيون، تنقيد ٻڌندا به آهيون، ڪندا به آهيون ۽ سمجهندا به آهيون ته تنقيد چئبو چا کي آهي. بهرحال سڀني راين جي هن دل جي گهراين سان آجيان ڪئي.

¨ آخر ۾ صدارتي راءِ ڏيندي ڪيلاش چيو ته ان قسم جي ڊگهي ڪهاڻي کي ”ناوليٽ“ جي به شڪل ڏئي سگهجي ٿي. ۽ ان جي ڪيترن رهيل پاسن کي اڃا به وڌائي ڪهاڻي کي بهتر ڪري سگهجي ٿو بجاءِ ان جي ته ان کي شارٽ ڪجي.

¨ هيءَ گڏجاڻي اوچتو ئي اوچتو جنهن انداز ۾ ٿي تنهن مان ڪيترائي نتيجا نڪرن ٿا. هڪ شئي کي شدت سان محسوس ڪيو ويو جنهن جي نشاندهي زيد پيرزادي به ڪئي ته باشعور ۽ ادبي لڏي کي ان انداز سان لازمي طور لاڳيتو ويهڻ گهرجي، ويهڻ سان ئي مثبت تبديليون اچي سگهن ٿيون.

¨ ادبي سنگت جهڙي ٿيل ان گڏجاڻي مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته ڪراچي جي ادبي لڏي کي لاشعوري طور تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين جي ڄڻ سڪ لڳي آهي ۽ اهي هاڻي عام ڪچهرين کي به ادبي سنگت ڪري ڇڏين ٿا جيڪو عمل ئي سندن سڪ جو ثبوت آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ان ضرورت کي محسوس ڪندي ئي حميد سنڌي صاحب پنهنجي گهر تي ادبي گڏجاڻيون ڪندو هو، اسحاق انصاري پنهنجي گهر ادبي مشاعرا ڪندو رهيو آهي، شاهه محمد پيرزادي به پنهنجي گهر علمي، ادبي ۽ فڪري بحث مباحثي لاءِ آستانو قائم ڪيو آهي ۽ انور پيرزادي جي فرزندن به انور پيرزادو اڪيڊمي جي پليٽ فارم تان گهر ۾ ادبي پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.