مقصودي رند لڳ ڳوٺ ۾ باهه، 8 گهر رک

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ويجهو ڳوٺ عبدالغني کوسو لڳ سيشن ڪورٽ ڀرسان مري برادري جي 8 کان مٿي گھرن کي اچانڪ باهه وڪوڙي وئي،باهه لڳڻ سبب 8 گهر سڙي رک ٿي ويا، ڪيترا ئي ڍور  ۽ چوپايو مال به سڙي ويا آهن، جڏهن ته متاثرین ۾  پير بخش مري، روشن مري، اعجاز مري، گزو مري، رندو مري، دنيا مري، باز خان مري حال بخش، امير حسين مري، دين علي مري ۽ ٻين جا گهر شامل آهن .اهه سبب گهرن اندر پيل سونا  زيور، اناج، هنڌ، بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان به سڙي ويو آهي، متاثرين ٻڌايو ته اسان جي گھرن کي خبر نه آهي ته ڪيئن اچانڪ باھ وڪوڙي وئي جنهن سبب اسان جي گھرن جو الھ تلھ سڙي خاڪ ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.