نئون ڪوٽ ڀرسان ٻن پورهيتن جي گهرن کي باهه، الهه تلهه رک

نئون ڪوٽ (ن ع آ) نئون ڪوٽ لڳ ڳوٺ حاجي جمن احمداڻي ۾ پورھيت جامون ڪولهي ۽ ڀوڄو ڪولهي جي گھرن ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ٻنهي گھرن ۾ پيل الھو تلھو سڙي رک ٿي ويو جڏهن تہ ڀرواري جي گھرن کي پڻ تباھ احمد خاصخيلي ۽ محمد خاصخيلي کي بہ سخت متاثر ڪيو جنهن کي گھرن ڌڻين وڏي مڙسي ڪري باھ تي ضابطو آندو جڏهن ته باھ متاثر جامون ۽ ڀوڄو ڪولهي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن انسانيت جي ناتي کيس ڪجھ کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ اٽو ڏنو آهي پر سرڪار نہ ڪنهن اين جي اوز ھنن باھ متاثرين وٽ نہ پھتي آهي۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.