مٺي جي بلڊنگ کاتي جي ايڪشن تي رشوت گهرڻ جو الزام

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پ پ پ ڏيپلو تعلقي جي صدر عيسىٰ راهمون کان به بلڊنگ کاتي مٺي جي ايڪسئين اوم پرڪاش پاران 33 لک جي ٻن اسڪيمن تي 52 سيڪڙو رشوت طلب ڪرڻ ۽ انڪار تي 6 مهينن کان اسڪيمن جا ورڪ آرڊر روڪي ڇڏڻ جو انڪشاف ٿيو آھي،پ پ پ اڳواڻ نند لال مالهي کانپوءِ ڏيپلو جو تعلقي صدر عيسىٰ راهمون به سوشل ميڊيا تي پاڻ کان طلب ڪيل رشوت جي انڪشافن سان ميدان تي اچي ويو آھي،ان ڏس ۾  پ پ پ تعلقي ڏيپلي جي صدر محمد عيسىٰ راهمون پنهنجي فيس بوڪ آءِ ڊي تي بلڊنگ کاتي جي ايڪسئين اوم پرڪاش جي رشوت خوري جا انڪشاف ڪندي چيو آھي ته منهنجي ڳوٺ جي 33 لک روپين جي ٻن اسڪيمن تي انجنيئر اوم پرڪاش ورڪ آرڊر جي مد ۾ 12 سيڪڙو ۽ مجموعي 52 سيڪڙو رشوت طلب ڪئي ۽ رشوت نه ڏيڻ ڪري 6 مهينن کان ورڪ آرڊر ايڪسئين بلڊنگ اوم پرڪاش روڪي ڇڏيا آھن ۽ اسڪيمون رولڙي ۾ پيل آھن،هن چيو آھي ته جيڪنڏهن 33 لک روپين جي اسڪيمن تي 52 سيڪڙو جي حساب سان 17 لک روپيه آفيسر کي رشوت ڏيون ته اسڪيمن جو ڪم ڇا مان ڪرائينداسين؟اهڙو سوال ڪرڻ تي  آفيسر فخريا انداز ۾ چيو ته ڪم کي ڌوڙ مٽي ڪري ڇڏيو پر رشوت ڏيو، ورنه توهانکي ورڪ آرڊر نه ملندا هن چيو ته بلڊنگ کاتي جو ايسڪئين دلير ترين راشي آفيسر آھي کيس ايتري رشوت گهرندي شرم ۽ حياء به نٿو اچي ، ھن چيو ته مون پ پ پ ضلع صدر انجنيئر گيان چند،ايم اين اي مهيش ملاڻي ۽ سشيل ملاڻي وٽ بار بار اهڙيون شڪايتون ڪيون پر ڪنهن به ازالو نه ڪيو، هن چيو ته سي سي روڊ ۽ وٽرنري سينٽر جي 6 مهينن کان اسڪيمن جا ورڪ آرڊر ايڪسئين جي ذاتي الماري ۾ بند آھن ۽ آئون دربدر ٿي اسڪيمن تان هٿ کڻي ويهي رهيو آھيان، مونکي ايڪسئين اوم پرڪاش اهو چئي ورڪ آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ڪنهن وٽ وڃي دانهين پر رشوت کانسواء ورڪ آرڊر نه ملندا، پارٽي ضابطن جي ڪري ميڊيا تي نه پئي آيس نند لال مالهي سان ٿيل حشر ڏسي سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي دانهن رڪارڊ ڪرايان ٿو، پ پ پ جو تعلقي صدر ۽ ذميوار اڳواڻ آھيان انسان اهڙو حشر آھي ته عام ماڻھن سان ڪهڙو ورتاء ٿيندو هوندو،ٻئي طرف بلڊنگ کاتي جي ايڪسئين اوم پرڪاش کان موقف معلوم ڪرڻ جي بار بار ڪوشش ڪئي پر هن فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.