سکر ۾ ٿڌ ۾ اضافو، سئي گئس انتظاميا لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو

سکر( رپورٽر) سکر شهر ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي جو زور ٽٽڻ بعد معمولي اضافي سان ٿڌ شروع ٿيندي ئي سئي سدرن گئس ڪمپني جي انتظاميا پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سکر شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن، ڪنڌرا، صاح پٽ، باگڙجي، روهڙي ۾ پڻ  گئس جي اڻ اعلاليل  لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سکر شهر جي پراڻو سکر،  نئون پنڊ، نئون ڳوٺ،قريشي ڳوٺ، قريشي روڊ، گوليمار، اسلام ڪالوني، مينارا روڊ سميت اڪثر علائقن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گئي جي اڻ علانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع ڪندي صبح، منجھند ۽ شام جي وقت گئس جي فراهمي بند ڪئي پئي وڃي، هوڏانهن قريشي ڳوٺ جي رهواسين پاران گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.