مهانگائي تي ضابطي نه ٿي سگهڻ جو اعتراف

تحرير؛

حڪومت هڪ ڀيرو وري مهانگائي وڌڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.اهڙو اعلان ٻين لفظن ۾ سرڪار پاران پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ئي آهي.

ناڻي بابت  وفاقي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو ته اسان به مهانگو ڪنداسين، ٻيو ڪو رستو ناهي. هو ڪراچي ۾ تقريب کي   خطاب ڪري رهيو هو ، شوڪت ترين چيو ته حڪومت سنڀالڻ وقت معاشي ڏکيائيون هيون، ملڪ ۾ ڊالر نه هئا ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري۾ هو پر آءِ ايم ايف پروگرام سبب معيشت مضبوط ٿي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته معاشي ترقي جي اوسر جي شرح گهٽجي ڏيڍ سيڪڙو تي اچي وئي هئي پر اسان جي حڪمت عملي سبب 21-2020 جي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تي آئي ۽ هاڻ اها شرح 5 ۽ 6 سيڪڙو تي آڻڻي آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي مهرباني جن جي ايندڙ ناڻي سبب معاشي ڏکيائين کي حل ڪيوويو پر اهو سلسلو گهڻي دير نه هلي سگهندو. هن چيو ته سرڪار جي  ڪوشش هوندي ته معاشي ترقي جو گراف پائيدار بنيادن تي هجي. ائين نه هجي جو ڪجهه ورهين بعد ٻيهر ترقي جا معيار تنزلي جو شڪار  ٿي وڃن. هن چيو ته  پائيدار معيشت جي قيام لاءِ سڀ کان وڌيڪ روينيو تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۾ سٽي واري جوا  جو هٿ موجود آهي، سٽي باز ڊالر افغانستان سمگل ڪري رهيا آهيون پر آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿيڻ تي رپيو مستحڪم ٿي ويندو، مهانگائي 9 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي

 موجوده  حڪومت گذريل ٽن سالن ۾ ڪيترا ئي معاشي ماهر تبديل ڪيا آهن پر هن ملڪ ۾ مهانگائي جو اهڙو طوفان آيل آهي جو ڪنهن به معاشي ماهر کان اهوڪنٽرول نه پيو ٿئي.هڪ ڀيرو وري ناڻي بابت وفاقي صلاحڪار اعلان ڪيو آهي ته جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيو ته هنن کي به پيٽرول مهانگو ڪرڻو پوندو.سرڪار جي نمائندي انگن اکرن سان جيڪو به ڪجهه سمجهايو آهي ان جو عام ماڻهو کي رڳو هڪڙو ئي مطلب سمجهه ۾ اچي ٿو ته ملڪ ۾ مهانگائي ٿيندي.

عمران خان اپوزيشن ۾ هوندي انگن اکرن سان اهو سمجائيندو رهيو هو ته هو اقتدار م اچڻ بعد عام ماڻهون جي ڏکن سوُرن جي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاليسيون جوڙيندو پر سندس ٽن سالن جي ڪارڪردگيءِ مان ڪو هڪڙو به اهڙو نقطو يا ڪو اهڙو قدم نظر نٿو اچي جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته  ان مان عوام کي ڪو لاڀ مليو هجي.

اڳي جي ڀيٽ ۾ هن تبديلي سرڪار جي حڪومتي دور ۾ بجيٽ کانپوءِ مني بجيٽ ته ڇا پر هر پندرهين ڏينهن سندس سرڪار صرف اهو اعلان ڪندي ٿي رهي ته هاڻي پيٽرول مهانگو پيو ٿئي ، ماڻهون اڃان اهو ڌڪ مس سهندو آهي ته مٿان وري بجلي جي قيمتن ۾اضافي جي خوش خبري ڏني ويندي آهي، اڃان اهڙي اعلان جو پڙاڏو ئي جاري هوندو آهي ته وري گئس جي مهانگي ٿيڻ جو فيصلو ٻڌايو ويندو  آهي. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ئي هن نئين پاڪستان ۾ ٿيڻو هو ته ان کان ته اهو پراڻو پاڪستان ئي وڌيڪ بهتر هو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهون هر مهيني  مهانگائي جو اعلان ٻڌي پنهجو ساهه ته سوڙهو نه ڪندو هو.

هن ملڪ جو ماڻهو انگن اکرن جي اهڙي ڪنهن به منجهيل ۽ پيچيده  مسئلي ۾ ڦاسڻ نٿو چاهي، هن جو معاملو صفا سادو آهي ته هن کي ڪو اڀرو سڀرو روزگار ڪيئن ملندو ۽ اهو پنهجي روزي روٽي ڪيئن ڪمائيندو،  غربت جي مقرر لڪير کان هيٺ گذاريندڙ هڪ غريب ماڻهون پنهنجو پيٽ ڪيئن پاليندو ؟

سو اهڙيون ڳالهيون عام ماڻهو جي سمجهه کان به مٿي آهي ۽ اهي هن جي لاءِ سمجهڻ به ايترو ضروري نه آهي،

اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل رڳو ايترو سمجهائين ته عام غريب ماڻهون پنهنجي زندگيءَ جي گاڏي کي ڪيئن هلائي؟.اهو سوال اقتدار ڌڻين کان ان ڪري به ٿيندو ته اهي عوام جي ووٽن سان ان اقتدار جي ڪرسي تي پهتا آهن.

اهو کڻي درست به هجي ته اڳوڻين حڪومتن جون معاشي پاليسيون غلط هيون جنهنڪري ئي موجوده حڪومت وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وئي آهي پر پوءِ به سوال اهو آهي ته انهن کي اهڙي بي اختيار اقتدار وٺڻ جي ئي ڪهڙي ضرورت هئي ؟

اسان وٽ اهو رواج آهي ته هر ايندڙ سرڪار اڳوڻي سرڪار تي سموريون ذميواريون وجهي پاڻ کي اڇو اجرو قرار ڏيندي رهندي آهي ان ڪري موجوده حڪومت چاهي ڪهڙا به پُر مغز فلسفا بيان ڪري يا عوام آڏو ڪهڙو به راڳ آلاپي پر هاڻي  ماڻهون سندن ڳالهين کي ٻڌن جي لاءِ تيار نه آهن.

جيڪڏهن موجوده حڪومت کان مهانگائي وارو جن بوتل ۾ بند نه پيو ٿئي ته پوءِ پنهنجي ناڪامي جو  اعلان ڪيو وڃي ته اهو ڪم اسان کان زور آهي، اهڙو اعتراف ڪندي اقتدار مان پڻ هٿ ڪڍيو وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ڪم اهڙا هجن جيڪي هاڻوڪي ٽيم جي لاءِ ممڪن نه هجن اهي سندن جي ۾ به  نه هجن.

روز روز رڳو مهانگائي وڌڻ بابت اعلان ڪري ٻڌائڻ جي بجاءِ سرڪار کي سنجيدگيءَ سان عوام جي اهنجن ۽ ڏکن جي تدارڪ جي لاءِ ڪا رٿا ۽ حڪمت عمليءِ تيار ڪرڻ گهرجي جيئن   ماڻهون سُک جو ساهه کڻي سگهن. ٻي صورت ۾ معاشي دٻاءَ  هيٺ دٻجي ويل غريب عوام  جي لاءِ زندگيءَ جو ڪو اتساهه باقي نه رهيو آهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.