ڄامشورو ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ زوردار ٽڪر، 14 ڄڻا زخمي

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو  ٿرمل پاور هائوس ڀرسان انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ جيو بابر ڪوچ اوور ٽيڪنگ دوران ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ احسان سولنگي، زيب النساء زال نور محمد ميمڻ. رضا محمد سڌايو، صبا زال واجد کوکر، محرم پٽ الهورايو ڏيپر، پير بخش پٽ محمد رفيق چنه، بريره ڌيءَ عبدالرحمان،  راشد پٽ علي گوهر چانڊيو، جنت خاتون زال محرم ڏيٿو، پارس زال زبير ميمڻ، علي حسن پٽ امام بخش چانڊيو، بشير پٽ نور احمد ميمڻ، عامر پٽ لطف ميمڻ ۽ حنيف پٽ احمد علي ميمڻ شامل آهن، جن کي لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عملو ۽ سهولتون نه هجڻ ڪري زخمي تڙپندا رهيا ۽ علاج لاءِ منٿون ڪندا رهيا، اسپتال ۾ موجود سيکڙاٽن زخمين جا نالا داخل ڪري کين سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.