اصل مسئلو حڪومت نه ،حڪومت ڪرڻ جو طريقو آهي

تحريرۡ؛خالد سعيد

سرد جنگ جي پڄاڻي کانپوءِ جڏهن سرمائيدار ملڪن وٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه رهيو هو،ته انهن پنهنجي پالتو حڪمرانن کي سگهه بخشڻ جي لاءِ ،ِهاءِ برڊ حڪومتن جي راهه هموار ڪئي، جيڪي نه  پوري طرح جمهوري هونديون آهن ۽ نه وري ي مڪمل طور تي مطلق العنان هونديون آهن. اهي ڪنهن به طرح سان عوام جي ترجماني نٿيون ڪن ۽ پنهنجو پاڻ کي برقرار رکڻ لاءِ هر جائز ۽ ناجائز طريقو اختيار ڪنديو ن آهن. هاءِ برڊ حڪومتن جي هڪ خاص ڳالهه اها هوندي آهي اهي جمهوري ادارن کي رڳو نمائشي بڻائي رکنديون آهن، يعني چونڊون ته ٿينديون آهن پر ان جي نتيجي ۾ عوام جي مرضي جي مطابق تبديلي نه ايندي آهي.

ميڊيا حڪومتن جي تابع رهندي آهي ۽ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن جوڪردار حڪمران جماعت جي لاءِ گهڻو مسئلو پيدا نه ڪندوآهي. انهن حڪومتن ۾ اقتدار جو هڪ وڏو حصو اهڙين قوتن ڏانهن هليو ويندو  آهي  جن تي چونڊ نتيجا اثر انداز نه  ٿيندا آهن. اهڙين حڪومتي کي حقيقي نه بلڪه پنهنجي مرضي جي جمهوريت جي ضرورت هوندي آهي.

پاڪستان ۾ گذريل ٽن سالن ۾ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي. جمهوري ادان جو مفهوم ۽ جمهوري سڌارن جون معنائون بدلجي ويون آهن.ان ڪري هاڻي جمهوريت اسان جي مسئلن جو علاج ڪرڻ کان قاصر آهي. ملاوت ڪيل ۽ نقلي دوائن سان مرض جو علاج نه ٿيندو آهي. ٻُڌندا آيا آهيون ته ”بدترين جمهوريت بهترين آمريت کان بهتر آهي“. هاڻي ڪو ٻُڌائي ته اسان جي ملڪ ۾ بهترين جمهوريت ڪڏهن هئي به سهي ؟ جيڪڏهن ڪجهه عرصي جي لاءِ ٿوري گهڻي آئي به هئي ته اها ڪنهن  غريب، رستي هلندڙ عورت کان به وڌيڪ غير محفوظ هئي. ان ويچاريءَ تي جيترا به حملا ٿيا سي ان کي محفوظ بڻائڻ جي نالي ۾ ٿيا.

باقي رهي آمريت سا ته  اسان جي طاقتور اشرافيه جي محفوظ پناه گاهه آهي.جنهن ۾ نامي گرامي سياسي شخصيتن جو اچڻ وڃڻ لڳو رهندو آهي ۽ حالتون ڪهڙيون به هجن اها آباد رهندي آهي. اليڪشن جو وقت ايندو آهي ته  جڳهه جڳهه اهڙا پوسٽر ٽنگيل نظر ايندا آهن جن تي اميدوارن جي جمهوري جدوجهد جو ذڪر هوندو آهي ۽ پس منظر ۾ ڪنهن مستند آمر جي تصوير هوندي آهي.

ڪجهه دوست ٽوڪيندا هئا ته سياستدانن کي خراب نه چئو ڇاڪاڻ جو انهن کي ئي ملڪ هلائڻو آهي. ان ڳالهه سان ڪو اختلاف ممڪن ئي نه آهي ته ملڪ، سياستدان ئي هلائيندا آهن. هن وقت جيڪي ملڪ هلائي رهيا آهن آخر اهي به ته سياستدان ئي ته آهن. جيڪي ماڻهون جنرل ضيا ۽ جنرل مشرف جا وزير مشير ٿيا سي به سياستدان هئا.مهذب ملڪن ۾ عوام پنهنجي پسند جي حڪومت آڻڻ جي لاءِ ووٽ ڏيندو آهي ۽ انهن جي پسند جي حڪومت اچي به ويندي آهي. پر هتي اليڪشن جو دستور نرالو آهي،ووٽ وجهڻ کان اڳ جنن جو ڪو ٽولو آسمان مان لهندوآهي. جنهن اميدوار کي ماڻهو ووٽ ڏيندا آهن اهو هارجي ويندو آهي،۽ جنهن کي ٿورا کن ووٽ ملندا آهن اهو کٽي ويندو آهي.سو اسان وٽ ته اهو نظريو به غلط ثابت ٿيو ته اليڪشن ئي سياستدانن  جو احتساب آهي.

نظرياتي سياست جي دفن ٿيندي ئي جمهوريت پسندي جي اصطلاح جي معنيٰ ئي بدلجي وئي، ترقي پسند هئڻ جا دعويدار  ڪيترائي ماڻهو حالتن جي درست ادراڪ کان قاصر  رهيا ۽ جڏهن اهي نئين روپ ۾ سامهون آيا ته رجعت پسند به شرمائڻ لڳا.پر ان جو بلڪل به اهو مطلب نه آهي ته سمورن  ترقي پسند ڪارڪنن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. اهي اڃان پڻ موجود آهن ۽ تحريڪ کي اڳيان وڌائي رهيا آهن. اسان سنڌ وارن کي فخر آهي ته ترقي پسندي جي سڀني کان مضبوط تحريڪ اسان جي ڌرتيءَ تي موجود آهي، ان جو ثبوت سنڌ جو ترقي پسند ادب آهي جنهن ۾ عورتن  جو ڪردار انتهائي حوصله افزا آهي.ان مٽيءَ مان اهي گوئنچ ڦٽندا رهندا ۽ مضبوط وڻ بڻجندا رهندا.

پر اهي وڏيون سياسي جماعتون ڇا ڪري رهيون آهن ؟انهن جي سطحي سوچ ۽ ڪم ٽپائڻ واري پاليسين ئي انهن کي هتي پهچايو آهي. انهن جي عقل ۾ اها ڳالهه نٿي اچي ته هزار پنج سئو ماڻهن سان تحريڪون نه هلنديون آهن. ماضي ۾ تحريڪون ان ڪري ڪامياب ٿيون جو ان ۾ نظرياتي ڪارڪنن جو جذبو شامل هو.اسان مزدور هاري يونينن ۽ شاگرد تنظيمن کي جيڪي ڪنهن به سياسي جماعت جي ڪرنگهي جي هڏي هوندا آهن، کي سياست مان انڪري ڪڍي ڇڏيو جو اهي سرمائيدارن ،جاگيردارن ۽صنعتڪارن جي بجاءِ غريب عوام جي حقن جي ڳالهه ڪنديون هيون.اڄ عوامي سياست انڪري مفلوج آهي جو  سياسي جماعتن وٽ نظرياتي اثاثو نه آهي ۽ اهي فيملي لميٽيد پارٽيون  رهجي  ويون آهن.

سموريون جماعتون چَون پيون ته  معيشت برباد ٿي وئي آهي، مهانگائي تباهي مچائي ڇڏي آهي،غريب وڌيڪ بدحال ٿي ويو آهي،بيروزگاري وڌي وئي آهي،قرض جي ڪري چيلهه چُٻي ٿي وئي آهي،سويلين حڪومت بي اختيار آهي، فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿين ٿا.آئين کي پائمال ڪيو پيو وڃي ۽ پارليامينٽ کي غير موثر بڻايو ويو آهي، مهانگائي وڌي ٿي ته هر جماعت پاران هڪڙو ئي بيان سامهون اچي ٿو ته قيمتن ۾ اضافو نا منظور . ڪڏهن ڪڏهن ان بيان ۾ هڪڙي سٽ جو واڌارو  ڪري ڇڏبو آهي جيستائين اها حڪومت نه ويندي مهانگائي ختم نه ٿيندي.

اهڙي بيان بازي مان ايئن لڳندو آهي ته انهن مان هر ڪنهن وٽ ڪا جادو جي لٺ آهي جنهن سان هو سمورا مسئلا ٻن ڏينهن جي اندر حل ڪري ڇڏيندا. انهن ڳنڀير ۽ سنگين مسئلن جي موجودگيءِ ۾ڪنهن واضح يا ٺوس حڪمت عملي جي بنا اهي جماعتون اقتدار ۾ اچڻ جي لاءِ ڇو بيتاب آهن ؟

ڇا انهن کي يقين آهي ته اهي سياسي نظام جي موجوده ترتيب کي تبديل ڪرڻ جي طاقت رکن ٿيون ؟ڇا انهن جماعتن کي معلوم آهي ته هن ملڪ جو اصل مسئلو ڪهڙو آهي ؟۽ جيڪڏهن معلوم آهي ته پوءِ ان تي کليل نموني ڳالهه ڇو نٿي ڪئي وڃي ؟

ڇا انهن بي چين سياستدانن کي حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ عوامي مفاد ۾ ڪنهن پاليسي تي عمل ڪرڻ جو حق ڏنو ويندو ؟ ڇا انهن کي اهو اختيار حاصل هوندو ته اهي عمران خان کان مختلف ڪا پرڏيهي پاليسي بڻائيندا ؟ ڇا انهن کي اها اجازت  ملندي ته اهي ملڪ جو ڊهندڙ  سرمائيداري نظام تبديل ڪن ؟ ڇا انهن ۾ ايتري همت هوندي جو اهي مذهبي انتها پسنديءَ جا اصل سبب ختم ڪن ۽ ملڪ ۾ تحرير ۽ تقرير جي آزاديءِ تي لڳل پابنديون هٽائي سگهن ؟

انهن سمورن سوالن جو جواب نه ۾ آهي. ته پوءِ ان گوڙ جو ڪهڙو مطلب آهي. اهي ڇو انهن شرطن تي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا جن شرطن تي عمران خان کي آندو ويو هو.هاڻي ته خانصاحب خود پريشان نظر اچي ٿو. پراڻي وقت جي هڪ چوڻي آهي ته جيڪا راجا کي وڻي سا ئي پَٽ راڻي . ان وقت ۾ راڻي به پنهنجي راجا کان گهڻو ڪجهه مڃرائي وٺندي هئي. پر جديد دور جي پَٽ راڻي ايتري بيوس  آهي جو  پنهنجي مرضي سان کنگهي به نٿي سگهي. بس ،اهارڳو  ڳالهه تي خوش آهي ته راجا هن جهڙين ڪيترين کي ڇڏي ڪري هن تي مهربان ٿيو آهي.

عوام جي ڏکن سوُرن کي محسوس ڪندڙ سياسيدانن کي گڏجي سوچڻ گهرجي ته هاڻي روايتي سياست جو زمانو ختم ٿي چڪو آهي.سڀئي ڏسن پيا ته پارليامينٽ جي حيثيت ڇا رهجي وئي آهي. ان جو ڪو عمل دخل باقي ناهي رهيو. فيصلا ڪنهن ٻئي هنڌ ٿين ٿا ۽ منظوري جي لاءِ هتي موڪليا ويندا آهن. ڪابينا ايتري مجبور ۽ لاچار بڻائي وئي آهي جو اها اهم مسئلن تي ڳالهه نٿي ڪري سگهي. وزيرن کي چئي ڇڏبو آهي ته اهي خاموش رهن ۽ اهي خاموش ٿي ويندا آهن. انهن حالتن ۾ اسين ڏهه ڀيرا به اليڪشن  ڪرايون ڪا به پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهندي. هي جديد سياسي نظام ڪنهن کي اڪثريت حاصل ڪرڻ نه ڏيندو. هنن بي سمجهه سياستدانن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اڇي ته اصل مسئلو حڪومت نه اهي حڪومت ڪرڻ جو اختيار آهي ۽ ان اختيار جي لاءِ ڪابه جماعت اڪيلي سر جدوجهد نٿي ڪري سگهي.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.