سهپ ــ انسانن جي ميسارجندڙ سڃاڻپ جي نشاني

تحرير؛نصرت سڪندر

رواداري ۽ سهپَ، اسان جي ثقافتن جي ڀرپور گهڻ رنگائيءَ، اسان جي اظهار جي صورتن ۽ انسانيت جي سليقن جو احترام، قبوليت توڙي اعتراف آهي.“ (رواداريءَ جي اصولن جو پڌرنامو)

هر سال 16 نومبر کي سهپ ۽ رواداريءَ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهايو ويندو آهي، جنهن کي ”گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي تنظيم“ (يُونيسڪو) 1995ع ۾ اڻ سهپَ جي خطرن بابت عوام ۾ جاڳرتا پکيڙڻ لاءِ ملهائڻ شروع ڪيو هو.

سهپ ۽ مساوات جي هن عالمي ڏينهن جي موقعي تي، هر سال عالمي سطح تي مختلف ڪانفرسن ۽ جشنن جو اهتمام ڪيو ويندو آهي، جن مان ”يُونيورسل ٽالرنس ڪارٽون فيسٽول“ به هڪ آهي، جيڪو ناروي جي شهر ”ڊرامين“ ۾ ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ 2013ع ۾ هڪ بين الاقوامي ڪارٽون فيسٽول پڻ منعقد ڪيو ويو هو. بنگلاديش ۾ هي ڏينهن، امن سربراهي اجلاس طور ملهايو ويندو آهي. هيءَ ڪانفرنس، امن ۽ رواداريءَ کي عام ڪرڻ، ڪُوڙين خبرن جو ڦهلاءِ روڪڻَ، محفوظ آنلائن سرفنگ کي يقيني بڻائڻ ۽ نفرت جهڙن مسئلن بابت ملڪ جي چيلينجن تي ڳالهائڻ ۽ سهڪار جو هڪ گڏيل پليٽ فارم بڻجي چڪي آهي.

1996ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ، پنهنجي ٺهراءَ نمبر 51/95 رستي، پنهنجي رڪن ملڪن کي هر سال 16 نومبر کي ”سهپ جو عالمي ڏينهن“ ملهائڻ جي دعوت ڏني. اها ڪارروائي، گڏيل قومن پاران اعلانيل ”رواداريءَ جي سال ـ 1995ع“ دؤران عمل ۾ آئي، جنهن جو اعلان ان کان ٻه ورهه اڳ، 1993ع ۾  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ”يونيسڪو“ جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ ڪيو، جيئن هن سال بابت رواداريءَ ۽ عمل جي منصوبي جي پيرويءَ جي اصولن جي پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو هو.

16 نومبر 1995ع تي ’يونيسڪو‘ جَي 85 هين تاسيس وارَي ڏهاڙي تي ’يونيسڪو‘ جي رُڪن ملڪن، سهپ جي اصُولن جي پڌرنامي کي پنهنجايو. هن پڌرنامي ۾ ٻين نڪتن سان گڏوگڏ ان ڳالهه جي تصديق پڻ ڪئي وئي هئي، ته سهپ ۽ رواداري، اسان جي دنيا جي ثقافتن، اسان جي اظهار جي مختلف شڪلين ۽ انسانيت جي سليقن جو ڀرپور احترام توڙي اعتراف آهي. سهپ ۽ رواداري، عالمي انساني حقن ۽ ٻين جي بنيادي آزادين کي تسليم ڪري ٿي. دنيا جي ڌار ڌار خِطن ۾ رهندڙ الڳ الڳ قوميتن جا ماڻهو، فطري طور گهڻ رنگا آهن. صبر ۽ برداشت ئي دنيا جي هر خطي ۾ گڏيل برادرين جي بقا کي يقيني بڻائي سگهي ٿي.

هي پڌرنامو، سهپ کي نه رڳو هڪ اخلاقي فرض طور، بلڪه ماڻهن گروهن ۽ رياستن لاءِ هڪ سياسي ۽ قانوني ضرورت طور به لاڳو ڪري ٿو. اهو ان ڳالهه تي به زور ڏئي ٿو ته رياستن کي ضرورت آهر معاشري ۾ سمورن گروهن ۽ فردن لاءِ مساوات ۽ موقعن جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ نوان قانون جوڙڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ گهرجن.

رواداريءَ ۽ سهپ جي تعليم جو مقصد، انهن اثرن کي منهن ڏيڻ آهي، جيڪي ٻين جي ڊپ جو باعث بڻجن ٿا ۽ نؤجوانن جِي، آزاداڻا فيصلا ڪرڻ، تنقيدي سوچ رکڻ ۽ اخلاقي دليل جي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. اسان جي دنيا جي ڪيترن ئي مذهبن، زبانن، ثقافتن ۽ نسلن جي گهڻ رنگائي، هڪٻئي سان جهيڙي جو باعث نه هجڻ گهرجي، بلڪه اهو ته اهڙو امُلهه خزانو آهي، جنهن سان اسان سڀني کي پنهنجو پاڻ کي مالا مال ڪرڻ گهرجي.

اسان جهڙن معاشرن ۾ اڻ سهپ وارن روّين جو مقابلو ڪيئن ڪجي؟

(ڪجهه تجويزُون)

1) قانون رستي: سڄيءَ دنيا جُون حڪومتون، انساني حقن جا قانونَ لاڳو ڪرڻ، نفرت طرف وٺي ويندڙ ڏوهن توڙي امتيازي سلوڪ تي پابنديون مڙهي سزا ڏيڻ ۽ جهيڙن جي نبيري تائين سڀني جي هڪجيتريءَ پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ذميوار بڻايون وڃن.

2) تعليم جي مدد سان: ان ڏس ۾ قانون سازي به ضروري آهي، پرسهپ جي اڻهوند جِي روڪ لاءِ ڪافي ناهي. انڪري ان جي روڪ لاءِ وڌ کان وڌ  تعليم تي زور ڏيڻ جي ضرورت آهي.

3) معلومات جي رسائيءَ رستي: نفرت پکيڙڻ وارن جي اثر ۽ پهچ کي محدود ڪرڻ جو اثرائتو طريقو، ميڊيا جي آزادي ۽ پريس جي گهڻائيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي، ته جيئن عوام کي حقن ۽ راءِ جي وچ ۾ فرق محسوس ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.

4) انفرادي سجاڳيءَ جِي مدد سان: مسهائپَ ئي مسهائپَ کي جنم ڏيندي آهي، جنهن سان وڙهڻ لاءِ فردن کي پنهنجي سُڀاءَ، معاشري ۾ اعتماد جي اڻاٺ ۽ تشدد جي منفي پهلوئن وچ ۾ تعلق جي ڀليءَ ڀَت ڄاڻ هئڻ گهرجي.

5) مڪاني حل: جڏهن اسان کي پنهنجي چوڌاري پکڙيل مسهائپَ ۾ واڌاري جو مقابلو ڪرڻو هوندو آهي، ته اسان کي حڪومتن ۽ ادارن کي اڪيلي ڪم ڪرڻ جو انتظار نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه اسان سڀني کي ان جي حل لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ بهرحال ڪرڻو پوندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.