20 نومبر کانپوءِ حالتن ۾ تيزيءَ سان تبديلي جو امڪان آهي: تجزئي نگار

لاهور (عوامي آواز نيوز) حڪومت جي اتحادين جي ٻولي ٻڌائي ٿي ته هاڻي پي ٽي آءِ سرڪار ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي، مٿان وري پريشاني جو شڪار حڪومت به اٻهرا  قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن جا ميمبر مقرر ڪرڻ واري پارلياماني ڪميٽي مان مسلم ليگ (ق)  پ پ ۽ باپ کي نيڪالي  ڏئي ق ليگ جي ڪامل علي آغا جي جاءِ تي مسلم ليگ (ن)  جي عظيم تارڙ کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پ پ جي سينيٽر تاج حيدر جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم جي خالده  عتيق کي مقرر ڪيو ويو آهي، ان کان به وڏي ڳالهه ته شفقت  محمود کي هٽائي ان جي جاءِ تي فواد چوڌري کي ۽ سينيٽر هدايت الله جي جاءِ تي اعظم سواتي کي مقرر ڪيو ويو آهي، فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن کي گهٽ  وڌ ڳالهائڻ جي الزام هيٺ  اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ وارا آهن، ڪميٽي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي  ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر مقرر ڪندي جڏهن ته  بي اي پي جي طاهر بزنجو کي هٽائي منظور ڪاڪڙ کي مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن مسلم ليگ (ق) حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي،حتمي فيصلي جو اختيار پرويز الاهي کي ڏنو ويو آهي، جنهن کي شايد ڪنهن فون ۽ مخالف ڌر جي رابطي جو انتظار آهي. جنهن کان پوءِ باضابطا اعلان ڪندو، هوڏانهن ايم ڪيو ايم به اشاري جي انتظار ۾ آهي، اشارو ملڻ شرط مخالف ڌر بئنچن تي ويهڻ جو ڪنهن به وقت اعلان ڪري سگهي ٿي اهي به اطلاع آهن ته عمران خان آخري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اتحادين کي پرچائي سڀاڻي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس گهرائي چونڊ سڌارن  ۽ نيب سميت سمورا قانون منظور ڪرائجن، مخالف ڌر به پنهنجن ميمبرن کي اسلام آباد ۾ ترسايو ويٺي آهي، سو حالتون ڪنهن به طرح حڪومت لاءِ بهتر نه پر انتهائي خراب آهن، ان ڪري 19 نومبر کانپوءِ يعني ڊي جي آءِ ايس آءِ جي تبديليءَ کانپوءِ حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿينديون نظر اچي رهيون آهن. مخالف ڌر  به بي اعتمادي رٿ آڻڻ لاءِ تيار ويٺي آهي. رڳو  اهو طئه ٿيڻو آهي ته شروعات پنجاب ياسينيٽ کان ڪجي يا سڌو سنئون وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.