معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان، نواز جيل وڃي سگهي ٿو ته ثاقب نثار ڇو نه:نواز ليگ

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان راڻا شميم جي انڪشافن وارو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خواجه آصف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته راڻا  شميم بنا ڪنهن دٻاءُ جي حلفيه بيان ڏنو آهي. هن چيو ته نوازشريف کي نااهل ڪري سياست کان ڌار ڪيو ويو. ثاقب نثار ۽ رانا شميت سميت ٽن ڄڻن کي حقيقت جي خبر آهي پر هاڻ ملڪ جي عوام کي به سچ جي خبر پوڻ گهرجي. شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن ملڪ جو چيف جسٽس ملوث هجي ته انصاف ڪٿان کان ملندو؟ دعا آهي ته هن معاملي ۾ ثاقب نثار ملوث نه هجي. ملڪ جي نظام ۾ غير آئيني مداخلت ٿي رهي آهي. ثاقب نثار اسپتالن جا دورا ڪيا، ڊيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان کي راڻا شميم جي بيان تي يقين ڪرڻو پوندو. هن چيو ته رانا شميم اهو بيان لنڊن ۾ هڪ اوٿ ڪمشنر جي سامهون ڏنو. جيڪو 2019 ۾ ٿيو اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته جولاءِ 2018ع ۾ رانا شميم چيف جج گلگت بلتستان هو جيڪو بيان ڏنو ويو اهو پاڪستان جي عوام جي سامهون آهي. رانا شميم ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ته کيس سخت سزا ڏني وڃي. جيڪڏهن راڻا  شميم سچ ڳالهائي رهيو آهي ته ثاقب نثار جي جڳهه جيل آهي. ن ليگ اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن نوازشريف جيل وڃي سگهي ٿو ته ثاقب نثار به جيل وڃي سگهي ٿو. مريم نواز به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيو. مريم نواز ٽوئيٽر تي پيءَ نواز شريف جي تصوير ۽ خبر شيئر ڪئي، جنهن تي قرآن شريف جي آيت به لکيل آهي. مريم لکيو ته ان شخص کان ڊڄڻ گهرجي، جيڪو صبر ڪري ۽ پنهنجو فيصلو الله تي ڇڏي ڏئي، ان ۾ ظالمن لاءِ وڏو سبق آهي. شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار رپورٽ عوام جي عدالت ۾ نواز شريف ۽ مريم جي بي گناهي جو ثبوت آهي. هن چيو ته رپورٽ گرينڊ اسڪيم تان پردو هٽايو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.