شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت ملي وئي

ڪراچي )رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس ڪوثر سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پيپلزپارٽي ايم پي اي شرجيل ميمڻ کي دبئي وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، شرجيل ميمڻ نمائش ۾ شرڪت لاءِ عارضي طور اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ درخواست ڏني  هئي جيڪا عدالت منظور ڪندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني، شرجيل ميمڻ عدالت کي استدعا ڪئي ته سنڌ حڪومت کيس دبئي ميلي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي تنهنڪري سندس نالو عارضي طور اي سي ايل مان خارج ڪري دبئي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي.عدالت شرجيل ميمڻ جي درخواست منظور ڪندي کيس 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني، واضح رهي ته شرجيل ميمڻ تي نيب ڪيسز ۾ ضمانت عيوض پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لڳل هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.