سرڪار لاءِ چونڊ سڌارا منظور ڪرائڻ مشڪل، مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادي هڪ ٿي ويا

اسلام آباد (م ڊ) اليڪٽرانڪ ووٽنگ تي مخالف ڌر ۽ حڪومتي اتحادي هڪ صفحي تي اچي ويا. پي ڊي ايم تڪراري قانون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن جي معاملي تي گڏيل اپوزيشن ۽ حڪومت جون اتحادي جماعتون هڪ پيج تي اچي ويون آهن. ذريعن موجب اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن تي حڪومتي اتحادين ۽ اپوزيشن ۾ مسلسل رابطا ٿي رهيا آهن، گڏيل اپوزيشن ۽ حڪومت جي اتحادي جماعتن جي اڳواڻن وچ ۾ تجويزن تي مشاورت ٿي آهي. هوڏانهن پارليامينٽ ۾ گڏيل مخالف ڌر جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جا سمورا ميمبر حاضري يقيني بڻائيندا. اپوزيشن طرفان حڪومتي قانون سازي جو ڄمي مقابلو ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي امير سراج الحق، آفتاب شيرپائو، اختر مينگل، امير حيدر هوتي، محسن داوڙ، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ۽ ٻين سان ٽيليفونڪ رابطا ڪيا آهن. بلاول هائوس جي ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري ۽ شهباز شريف وچ ۾ پارلياماني صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف کي چيو ته پارليامينٽ ذريعي حڪومت جي سڀني پاليسين کي ناڪام بڻائي سگهجي ٿو، پارليامينٽ اهو فورم آهي، جتي عوامي نمائندا عوام جو ڪيس وڙهندا آهن. هوڏانهن پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ تڪراري قانونسازي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فضل الرحمان جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم جو وڊيو لنڪ تي اجلاس ٿيو. پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس 22 نومبر تي طلب ڪيو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.