سجاول ۾ نياڻي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو ۽ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر سجاول ويجهو جاتي روڊ ڀرسان ڳوٺ اڱاريو سهتو ۾ معصوم نياڻي حسنه سهتو کي يرغمال بڻائي بدترين تشدد ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ بي گناهه نياڻين کي قتل ڪرڻ، اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائي جنسي ڏاڍائي ڪرڻ، اغوا ڪري مذهب مٽائڻ روز جو معمول بڻيل آهي. قانون جي حڪمراني بدران جهنگ جو قانون مڙهيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.