اسان کي سموري چونڊ نظام تي خدشا آهن: فهميده مرزا

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير فهميده مرزا چيو آهي ته اسان جا پوري چونڊ نظام تي خدشا آهن، اي وي ايم جو بل قومي اسيمبلي مان پاس ٿي چڪو آهي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سينيٽ ۾ بل پاس/ نه ٿيڻ سبب گڏيل اجلاس ۾ اهو بل پيش ڪيو ويو، منهنجو مشورو آهي ته سينيئرسياستدانن کي گڏ ويهاري طئي ڪيو وڃي ته پارليامينٽ کي ڪيئن بهتر نموني هلائڻ گهرجي، ق ليگ سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته مشاورت وارو مرحلو معاهدي جو حصو هو، چوڌري پرويز الاهي جي منظوري کانسواءِ معاملا ٺيڪ نٿا ٿي سگهن، حڪومت سان معاملا طئي ٿيڻ بابت خبر ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.