گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا پگهار تي عمل نه ٿيڻ جو اعتراف

ڪراچي: پورهئي کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا  پگهار تي عمل نه ٿيڻ جو اعتراف ڪندي چيو  آهي ته پورهيتن جي رجسٽريشن لاءِ نئين اسڪيم آڻيون پيا جنهن تحت پورهيت پاڻ کيرجسٽرڊ ڪرائيندا، ان لاءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ مهم به هلائي ويندي، سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جيڪو اها اسڪيم آڻي پيو. بينظير ڪارڊ آڻيون پيا، ان اسڪيم لاءِ پورهيت پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائين، پهرين مرحلي ۾ انڊسٽريز سان لاڳاپيل پورهيتن کي رجسٽرڊ ڪري ڪارڊ ڏنا ويندا، اهو عمل مسلسل جاري رهندو، هن چيو ته سيسي وٽ 6 لک 44 هزار کان وڌيڪ پورهيت رجسٽرڊ ٿيل آهن،هن چيو ته پورهيتن کي هن وقت سرڪار پاران مقرر ٿيل 25 هزار رپيا پگهار نه پئي ملي، ان لاءِ پهرين مرحلي ۾ سرڪار ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ 25 هزار پگهار يقيني بڻائينداسين، ان بعد ٻين ادارن ۾ به ان کي يقيني بڻايو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن پورهيتن کي 25 هزار پگهار نه ٿي ملي ته شڪايت ڪن ڪارروائي ڪئي ويندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.