پاڪستان ۾ شگر جا ٽي ڪروڙ ٽيهه لک مريض آهن: قومي صحت وزارت

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ شوگر جي هر ٻن مان هڪ مريض کي پنهنجي ان بيماري بابت علم ناهي. سومر تي قومي صحت واري وزارت طرفان جاري ٽوئٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ شگر جا ٽي ڪروڙ ٽيهه لک مريض آهن پر ان بيماري سبب متاثر ماڻهن جو اصل انگ ان کان ٻيڻو ٿي سگهي ٿو جنهن جو سبب اهو آهي ته ان بيماري سبب متاثر ماڻهن مان اڌ کي اها خبر ئي ناهي ته هو ان بيماري جو شڪار آهن. ٽوئٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي اڃ ۽ پيشاب ۾ اضافو، بک ۾ اضافو، ٿڪاوٽ، ڌندلي نظر، پيرن ۾ بي حسي ۽ وزن ۾ غير واضح گهٽتائي جهڙيون علامتون درپيش هجن ته هو فوري طور تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.