احمدپور لڳ نينگر کي نشو ڏئي بدفعلي، ڪيس داخل

احمدپور (رپورٽ: نديم راجا ميتلو ) احمدپور لڳ مبينا وحشي جوابدارن مٿان نينگر کي نشو ڏئي بدفعلي ڪرڻ جو ٻن جوابدارن خلاف ڪيس داخل، جوابدار فرار ٿي ويا. ڳوٺ ڦلو جي رهواسي 14 ورهين جي نينگر نثار جوڌ سان مبينا طور بدفعلي جو نينگر جي والد علي مراد جوڌ ٻن جوابدارن نصرالله کهڙو ۽ اصغر شنباڻي مٿان گلوسيال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي نينگر جي والد علي مراد جوڌ جو چوڻ آهي ته 5 ڏينھن اڳ سندس پٽ ڪم سانگي وڃي رهيو هو ته رستي تان ڄاڻايل جوابدارن ورغلائي کيس اوطاق تي وٺي وڃي نشو ڏئي پٽ کي بدفعلي جو نشانو بڻايو ھو، ان موقعي تي هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.