ڪراچي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ لاِڙڪاڻي واسي نوجوان قتل، ڪنوارسميت 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي / ملير (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو/ جميل چانڊيو) ڪراچي جي علائقي شاهراهه فيصل تي ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان مارجي ويو ۽ سندس ڪنوار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس ايسٽ قمر رضا جسڪاڻي موجب پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ 6 ۾ شاهراهه فيصل تي نرسري بس اسٽاپ وٽ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو وسيم اعجاز مارجي ويو جڏهن ته سندس وني ڪوثر ۽ سيد منيرشاهه ۽ قدير شاهه زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي موجب مارجي ويل وسيم اعجاز جو تعلق لاڙڪاڻي سان هو، جنهن گذريل ڏينهن ساڳئي علائقي جي ڪوثر نالي ڇوڪري سان شادي ڪئي هئي. پوليس موجب جوابدار سٽي ڪورٽ ڪراچي کان اسٽيل ٽائون وڃي رهيا هئا ته مصروف ترين شاهراهه فيصل وٽ جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني. پوليس موجب، زخمين شروعاتي بيان ۾ فائرنگ ڪندڙن ۾ زخمي ڪوثر جي ڀاءُ ۽ پيءُ جي سڃاڻپ ڪئي آهي. پوليس جو شڪ آهي ته جوابدارن پسند جي شادي تي ناراضگي سبب کين نشانو بڻايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.