انب موري ڀرسان ڪتي ڏاڙهيل ٻار فوت

انب موري (رپورٽ: علي احمد جروار ) انب موري ڀرسان ڪتي ڏاڙهيل ٻار فوت، گھيل پور واسي معصوم مدثر پٽ گلزار خاصخيلي کي کي هڪ مهينو اڳ رولو ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو هو زخمي ٻار کي وارثن کڻي مقامي رورل ھيلٿ سينٽر ٽنڊو جان محمد پھچايو جتي ڊاڪٽرن وئڪسين نه ھئڻ جو سبب ڄاڻائي ٻار کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي ريفر ڪري ڇڏيو، تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرن چيو ته ٻار کي وئڪسين صرف ٽنڊو جان محمد جي ئي اسپتال مان لڳندي اسان ھن کي وئڪسين نٿا لڳائي سگھون، متاثرن کي ڊاڪٽرن اِھو چئي موٽائي ڇڏيو. وارث پنھنجي زخمي معصوم ٻار کي کڻي گھر آيا، مھيني تائين وئڪسين نه لڳڻ سبب معصوم ٻار پنھنجي گھر ۾ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.