ٽنڊي آدم ڀرسان نينگري سان زيادتي، حالت خراب

ٽنڊوآدم (  ن ع آ  ) ٽنڊي آدم لڳ ڳوٺ مٺو کوسو  جي رهواسڻ 13 ورهين جي ممتا ڌي ويرو ڀيل کي جوابدار گهر مان اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، ان سلسلي ۾ نينگري جي والد ويرو ۽ متاثر نينگري ممتا ڀيل جو چوڻ آهي ته جوابدار روشن ڀيل عزيز آهي، جنهن جو گهر ۾اچڻ آهي والد جي غير موجودگي ۾ روشن گهر اچي پيپسي بوتل ۾ نشي آور شئي ملائي مون کي منهنجي ماءُ سميت ٻين چار گهر ڀاتين کي بيهوش ڪري  مون کي ٽن ڏينهن تائين ميرپور خاص ۽ ٽنڊالهيار ۾ رکيو ۽ جنسي زيادتي ڪندو رهيو ۽ بعد ۾ ڇڏي ڏنو واقعي بابت سٽي پوليس تي اطلاع ڏنو پوليس نينگري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ تعلقه اسپتال پهچايو. جتي سندس جزاورتا ويا ليڊي ڊاڪٽر موجب ته جزا وٺي ڪراچي موڪليا ويندا جتان رپورٽ اچڻ کان پوءِ حتمي رپورٽ جاري ڪنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.