ميونسپل ڪمشنر اختر شيخ جي درخواست رد، معطلي برقرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊي ايم سي سائوٿ جي ميونسپل ڪمشنر اختر شيخ جي غيرقانوني مقرري ۽ رٽائرمينٽ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ اختر شيخ پيش نه ٿيو، عدالت ڪي ايم سي جي وڪيل منير خان جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ اختر شيخ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ 18 گريڊ جي آفيسر اختر شيخ جي مڪاني کاتي ۾ 19 گريڊ جي سيٽ تي مقرري معطل ڪئي هئي، اختر شيخ 2015ع ۾ مڪاني کاتي جي 18گريڊ ۾ مقرري جي باوجود 19گريڊ جي سيٽ تي ڪم ڪري رهيو هو، اختر شيخ چئن سال رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي سائوٿ مقرر رهيو، اختر شيخ ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جو ويجهو ساٿي آهي، اختر شيخ پنهنجي معطلي کي چئلينج ڪيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.