نيب جا جاچ آفيسر فائل گم ڪري ڇڏين ٿا، سندن ڪرپشن ڪير ڏسندو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪلفٽن جي قيمتي زمين جو فائل گم ڪرڻ تي نيب جي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران نيب جي جاچ آفيسر خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس فيصل ڪمال پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهو ڪهڙو آفيسر آهي جيڪو نيب چيئرمين جو فيورٽ آهي، اسان چيئرمين خلاف به آرڊر جاري ڪري سگهون ٿا، ان لاءِ اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي. ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن نيب چيو ته اسان جاچ آفيسر نديم ساجد جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ لکيو آهي، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته رڳو لکڻ سان ڇا ٿيندو، ڪارروائي شروع ڇو نه ٿي آهي؟ اوهان جو احتساب ڪير ڪندو، اوهان دنيا جو احتساب ڪري رهيا آهيو؟ جسٽس ظفر راجپوت چيو ته نيب جي آفيسرن جي بدعنواني ڪير ڏسندو؟ ڪيترائي فائل گم ڪري ڇڏيندا آهن. ڪير به چوڻ وارو نه آهي، هي ڪرمنل ڪيس آهي کاتيوار ڪارروائي ڪافي نه آهي، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ڪلفٽن ۾ هڪ هزار گز جو قيمتي پلاٽ آهي، ڪي ڊي اي ٻڌايو ته پلاٽ جو فائل نيب جا آفيسر کڻي ويا، عدالت جاچ آفيسر نديم ساجد جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.