پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ ) حڪومت آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي تجويز جي ابتڙ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت کي پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه وڌيا ته پاڪستان ۾ به پيٽرول جو اگهه وڌي ويندو. شوڪت ترين چيو هو ته پيٽروليم ليوي کي ڪنهن حد تائين وڌائڻو پوندو، ليوي جو دارومدار ان تي هوندو ته پيٽرول جي قيمت ڪيتري حد تائين وڃي ٿي. ياد رهي ته حڪومت ان کان اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.