راڻا شميم هن وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جو وي سي آهي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار تي الزام هڻندڙ اڳوڻو چيف جج راڻا شميم هن وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي،حڪومت سنڌ(زيبل) جو وائيس چانسلر طور ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هو  پريس ڪائونسل پاڪستان جو چيئرمين به رهي چڪو آهي،جڏهن ته هن 1983ع ۾ ڪراچي ۾ وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪئي، 2015ع ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو نائب صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو 2010ع کان 2015 تائين ميمبر رهيو، 2007ع ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ سال لاءِ ايڊيشنل جج مقرر ڪيو ويو، هو سنڌ ۾ پراسيڪيوٽر جنرل ۽ وقتي ايڊووڪيٽ جنرل به رهي چڪو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.