رانا شميم حسن نواز سان رابطي ۾ هو، جلد وڏو ڌماڪو ٿيندو: صحافي

لنڊن(م ڊ) سينيئر صحافي اظهر جاويد دعويٰ ڪئي آهي ته گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جسٽس رانا شميم اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسن نواز سان 2019ع کان رابطي ۾ هو. خانگي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي اظهر جاويد چيو ته رانا شميم حسن نواز کي بار بار پنهنجي شاهدي ڏيڻ لاءِ چئي رهيو هو، هو. 9 نومبر تي آمريڪا کان لنڊن آيو ۽ 10 نومبر تي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد واپس هليو ويو، لنڊن ۾ ان جي نواز شريف سان ملاقات ٿي هئي يا نه؟ اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته هي اڃان شروعات آهي، ٻيون به شيون تيار آهن، جلد وڏو ڌماڪو ٿيندو جيڪو وڊيو جي شڪل ۾ ٿيندو، وڊيوز حتمي مرحلن ۾ آهن، انهن جو فرانزڪ ٿي چڪو آهي ۽ ايڊيٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي، انهن وڊيوز ۾ ثاقب نثار جو نالو سنئون سڌو شامل آهي.

  • وزيراعظم جو چوڌري شجاعت جي پٽ سان رابطو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم عمران خان ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي پٽ شافع حسين کي ٽيليفون ڪيو، هن چوڌري شجاعت جي طبيعت جي باري ۾ پڇيو ۽ سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، چوڌري شافع چيو ته وزيراعظم چيو ته چوڌري شجاعت سينئر سياستدان  آهي، ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ فيصلا ڪندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.