ثاقب نثار کي مدي ۾ واڌ جو اختيار ئي نه هو، بيان تي قائم آهيان: راڻا شميم

اسلام آباد (م ڊ) گلگت بلتستان جي سپريم ايپليٽ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا ايم شميم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي منهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جو ڪو اختيار نه هو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي راڻا شميم چيو آهي ته ثاقب نثار گلگت ۾ منهنجو مهمان هو، مان ثاقب نثار جي گلگت اچڻ تي ڪو سرڪاري خرچ نه ڪيو هو ۽ خبر ۾ ڏنل ڳالهين تي قائم آهيان. هن چيو ته مون کي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ۽ ثاقب نثار وٽ قانون موجب مون کي واڌ ڏيڻ جو اختيار به نه هو، ثاقب نثار ڪير ٿيندو آ مون کي واڌ ڏيڻ وارو؟ سندس چوڻ هو ته حلف نامو ڪڏهن ۽ ڪنهن کي ڏنو، اهو في الحال نٿو ٻڌائي سگهان پر گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون سپريم ڪورٽون، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ماتحت ناهن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي واڌ ڏيڻ جو اختيار وزيراعظم کي آهي. راڻا شميم چيو ته مان ڪا سياسي شخصيت ناهيان، نه سياسي بيان ڏيندس، جيڪي به حقيقتون هيون اهي سامهون آنديون.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.