لاڙڪاڻي ۾ بئنڪ ملازم آپگهات ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد سڪندر ڪالوني ۾ نيشنل بئنڪ جي ملازم 45 سالا فاروق احمد عباسي مبينا طور معمولي ڳالھه تان گهر اندر زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي وارثن بيهوشي ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو جنهن جي لاش مٿان سندس وارث اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي صحافين طرفان خودڪشي ڪندڙ نيشنل بئنڪ جي ملازم جي وارثن کان واقعي بابت تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن ڪري خودڪشي جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد خودڪشي ڪندڙ نيشنل بئنڪ جي ملازم جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.