ڪلوئي ڀرسان ناري لاش هٿ،قتل جو شڪ

ڪلوئي( رپورٽ:  نواز لنڊ) ڪلوئي لڳ ڳوٺ جي رهواسڻ جو پاڻي جي کڏ مان لاش هٿ ان سلسلي ۾ ناري جي مڙس گلزار کوسو چيو ته منهنجي زال ) س) پاڻي جي کڏ مان پاڻي ڀرڻ وئي ته کيس چڪر اچي ويو جيڪا پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي آهي، هوڏانهن ڇوڪري جي پي مراد کوسو ڪلوئي ٿاڻي پهچي اچي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي مڙس ۽ سندس مائٽن گڏجي قتل ڪيو آهي، جنهن ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي، اطلاع تي ڪلوئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پاڻي جي کڏ مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏيپلو کڻائي وئي آهي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ ڪلوئي پوليس جي چوڻ موجب ناري جي مائٽن قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ته ناري جي مڙس جو چوڻ آهي ته پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.