ٿر ۾ ڊينگي جاڪلور، صحافي سميت 20 ڄڻا مبتلا

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڊينگي آزار وڌڻ بعد ڊينگي وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، وڌيڪ ڊينگي جا 20 ڪيس ظاهر ٿي پيا آهن، اُنهي سلسلي ۾ ننگرپارڪر جي نوجوان صحافي اختر سمون کي ڊينگي جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته 13ورهين جو پيربخش ولد صاحب ڊينگي وائرس سبب حيدرآباد سول اسپتال ۾ داخل آهي، اديب ليکڪ ساگر خاصخيليءَ جو ڀائٽيو عابد نواز خاصخيلي پڻ ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد حيدرآباد ۾ اسپتال داخل آهي، اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ سوجاويري ۾ پنج ڄڻن کي ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي آهي، ننگرپارڪر،اسلام ڪوٽ، ڏاهلي، ڇاڇرو ۽ چيلهار آسپاس ڳوٺن ۾ڊينگي جا ڪيترائي ڪيس ظاهر ٿيا آهن، اُن سلسلي ۾ چيلهار واسي اديب ليکڪ ڀارومل امراڻي، وڪيل موهن منٺاراڻي، ننگرپارڪر واسي ليکڪ اديب ساگر خاصخيلي، ناشاد نصرالله سمون ۽ ٻين چيو آهي ته علائقن ۾ ڊينگي وبائي شڪل اختيار ڪري چُڪو آهي. اختياريون نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.